ڍورو پراڻ جو رستو بحال، هاڻي ڪو به ضلعو نه ٻڏندو، ايل بي او ڊي جي ڊيزائن غلط هئي: وڏو وزير

ڪلوئي/ بدين (رپورٽ : نواز لنڊ/ رازق ڏنو کوسو)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پراڻ ڍوري کان شڪور ڍنڍ تائين پاڻي جي رستي جي بحالي واري منصوبي ۽ آر ڊي 210 اسپائنل اسڪيپ ريگوليٽر جو افتتاح ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت ايل بي او ڊي جي ڊزائن ۾ ڪجهه ترميمون ڪري پراڻا پاڻي جا رستا بحال ڪري ڇڏيا آهن.ڪلوئي ڀرسان نيوي چڪ موڙ تي جلسي کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته ايل بي او ڊي اسپائنل آر ڊي ذريعي پاڻي جا پراڻا لنگهه بحال ٿي ويا، پيپلزپارٽي جي حڪومت سنڌ ۾ ترقياتي ڪم ڪيا آهن.سندس چوڻ هو ته هتي جا ماڻهو برساتن ۾ ٻڏندا رهيا آهن، حڪومت ۽ ارباب لطف الله جي ڪوششن سان پراڻ ڍوري جو رستو بحال ڪرايو آهي.مراد علي شاهه چيو ته پراجيڪٽ مڪمل ٿيڻ تي پاڻي جي نيڪالي مڪمل ٿيندي ۽ ڪوبه ضلعو ٻڏي نه سگهندو، منصوبي تحت زمينون آباد ٿينديون.هن چيو ته ٻوڏ متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏيندا، سڄي سنڌ ۾ 21 لک گهر ٺاهي رهيا آهن، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت آهي ته زرعي معيشيت کي ترقي ڏني وڃي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته جلد ميرٽ تي نوڪريون ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويندو، عوامي ووٽ جي طاقت سان پيپلزپارٽي ئي عوامي مسئلا حل ڪندي، وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته هاڻي بدين، ميرپورخاص، سانگهڙ ۽ نوابشاهه ضلعن جي 12 لک ستر هزار ملين ايڪڙ کان وڌيڪ زمين ٻوڏ جي پاڻي ۾ نه ٻڏندي، پاڻي جي نيڪالي جا پراڻا رستا بحال ڪرڻ جو ميرپورخاص ۽ نوابشاهه ڊويزن جي عوام جو پراڻو مطالبو هو.هن چيو ته ايل بي او ڊي جي ڊيزائن تي شهيد راڻي بينظير ڀٽو به اعتراض ڪيا هئا، ڇو ته ان سان پاڻي جي قدرتي رستا بند ٿي ويا هئا، ايل بي او ڊي 1980ع جي ڏهائي جو منصوبو هو ۽ هي منصوبو واپڊا تعمير ڪيو هو.وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ايل بي او ڊي جي ڊزائن ۾ ڪجهه ترميمون ڪري پراڻا پاڻي جا رستا بحال ڪري ڇڏيا آهن، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو حڪم هو ته پاڻي جن پراڻن رستن جي بحالي جي پراجيڪٽ کي مڪمل ڪري زرعي معيشيت کي ترقي ڏني وڃي، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته جلد ميرٽ تي نوڪريون ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويندو، عوامي ووٽ جي طاقت سان پ پ ئي عوامي مسئلا حل ڪندي، برساتي ٻوڏ متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو، متاثرن کي گهر ٺهرائي ڏنا پيا وڃن، پاڻي جي پراڻن قدرتي رستن جي بحالي لاءِ زرعي معيشيت کي هٿي  ملندي،  برساتي ٻوڏ جي وهڪرن  کي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته انشاءَ الله عوام پنهنجي ووٽن جي طاقت ذريعي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي پاڪستان جو وزيراعظم بڻائيندو. ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏ آبپاشي وزير ڄام خان شورو ۽ ايم پي اي ارباب لطف الله ۽ بيبي ياسمين شاھ، تاج محمد ملاح، انجنيئر ظريف کيڙو، قبول کٽياڻ ۽ ٻيا گڏ ها.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.