وڏي وزير ڪاٺڙي پل تان ڪِري فوت ٿيل چئن ڄڻن جي وارثن لاءِ ڪو اعلان نه ڪيو

ڪلوئي: وڏو وزير جلسي گاهه کان وک پنڌ تي هاڪڙو پراڻ ۾ جڳاڙي ڪاٺڙي پل تان ڪِري فوت ٿيل چئن ڄڻن جي وارثن لاءِ نه ڪو اعلان ڪيو نه وري سندن تڏي تي تعزيت لاءِ لڙي ويو، هاڪڙو پراڻ جي ٺيڪيدار  پاران بانس جي لڪڙن سان جڙيل جڳاڙي پل تان ڪراس دوران ڪري فوت ٿيل سوڍي لنڊ، ننڍڙي شعيب لنڊ جي وارثن لاءِ وڏي وزير نه ڪو امدادي اعلان ڪيو نه وري سندن وارثن وٽ لڙهي ويو جنهن ڪري سڄاڻ ڌرين گڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته وڏي وزير کي ٻڏي فوت ٿيلن جي وارثن لاءِ معاوضي جو اعلان ڪرڻ گهرجي ها ۽ سندن تڏي تي وڃڻ گهرجي پر وڏو وزير نه تڏي تي ويو نه وري وارثن لاءِ معاوضي جو ڪو اعلان ڪيو.

  1. وڏي وزير هاڪڙو جو نه دورو ڪيو، نه وري بندن ۾ ڏار پوڻ تي پڇاڻو ڪيو!

ڪلوئي: وڏي وزير هاڪڙو ۽ ايل بي او ڊي سم نالي جي بندن جو نه دورو ڪيو، نه وري بندن ۾ وڏا ڏار پوڻ تي ٺيڪيدارن کان پڇاڻو ڪيو، رهواسين وڏي وزير جي دوري کي فوٽو سيشن قرار ڏئي ڇڏيو، رهواسين  صدام، حسين، خالد ۽ ٻين چيو ته هاڪڙو ۽ ايل بي او ڊي سم نالي اسان لاءِ نقصانڪار آهي، ٺيڪيدارن ظلم جا پهاڙ ڪرائي ڇڏيا آهن، وڏي وزير جو دورو ڦوٽو سيشن کان سواءِ ڪجهه به نه هو.

  1. وڏي وزير ڍوڍاري ۾ ارباب لطف الله وٽ مانجهاندو ڪيو، کٽو مل به شريڪ

ڪلوئي/مٺي: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيوي موڙ وٽ جلسي کي خطاب ڪرڻ کان پوءِ ڍوڍاري پهچي ايم پي اي ارباب لطف الله وٽ مانجهاندو ڪيو، جنهن کان پوءِ ڪراچي روانو ٿي ويو. مانجهاندي ۾ پ پ ٿر جا ڪجھه اڳواڻ ايم پي اي کٽومل جيوڻ، ايم پي اي قاسم سومرو، ايم اين اي امير علي شاهه جيلاني، صوبائي وزير دوست محمد راھمون، راجوير سنگھه سوڍو، ضلعي چيئرمين غلام حيدر سميجو، راهول جيوڻ، ڪملا ڀيل ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

  1. زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ جو مطالبو ٿيو پر وڏي وزير ناجائزي نه ڪئي: ڄام خان شورو

ڪلوئي: سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شوري چيو آهي ته پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت هميشه بدين جي ماڻهن سان نڀايو آهي، پاڻي جو مسئلو هجي يا ڪو ٻيو مسئلو پاڻ ملهايو آهي، ضلعي ۾ هر شاخ جي  پڇڙي تائين پاڻي پهچي ٿو. جلسي کي خطاب ڪندي ڄام خان شوري چيو ته ايل بي او ڊي ۽ ڪي پي او ڊي سبب پنگريو ۽ ملڪاڻي سميت ٻين علائقن جي ماڻهن جو تمام گهڻو نقصان ٿيو هو.سندس چوڻ هو ته 2022ع جي مها ٻوڏ ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، صدر آصف علي زرداري، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ پ پ ايم پي اي فريال ٽالپر هر وقت رابطي ۾ رهيا، کين پنهنجي ماڻهن جو احساس هو.سنڌ جي آبپاشي واري وزير چيو ته 2022ع جي ٻوڏ ۾ وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن علائقا بچن ٿا ته سندس ڳوٺ ٻڏي تي ٻوڙي ڇڏيو، مراد علي شاهه جو ڳوٺ ٻڏي ويو پر علائقا ڪجهه بچي سگهيا.ڄام خان شوري چيو ته 2022ع جي ٻوڏ دوران ڪجهه ماڻهن چيو ته زيرو پوائنٽ آر ڊي 211 وٽان ڪٽ لڳايو، وڏي وزير چيو ته جيڪي علائقا ٻڏي ويا آهن، اتان پاڻي ڪڍرايو پر ڪنهن کي نه ٻوڙايو، فيصلو ميرٽ تي ڪيو، ڪنهن سان ناجائزي نه ٿئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.