هيٺئين مٿئين ووٽ تي ڪاوڙيل ٿر جي قيادت جلسي مان گم رهي!

ڪلوئي/ مٺي: ھاڪڙو جي سائفن جي گيٽ جي افتتاحي تقريب کان پوءِ نيوي موڙ تي ڪوٺايل وڏي وزير جي جلسي ۾ ارباب امير امان اللهسميت ٿرپارڪر ضلعي جي سموري قيادت غائب نظر آئي، وڏو وزير تقرير دوران ارباب امير امان الله جي غير حاضري جو ذڪر ڪندو رهيو، جڏهن ته پيپلزپارٽي ٿرپارڪر جي سموري قيادت جنهن ۾ ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي، فقير شير محمد بلالاڻي، انجنيئر گيان چند، قاسم سراج سومرو سميت پوري قيادت نظر نه آئي جنهن ڪري جلسي ۾ پيپلزپارٽي اڳواڻن ۾ اختلاف جا چوٻول ٻڌڻ ۾ آيا. جڏهن پ پ ضلعي صدر انجنيئر گيانچند ٿاهراڻي، پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي ۽ ايم پي اي فقير شيرمحمد بلالاڻي جلسي سميت مانجهندي ۾ شريڪ نه ٿيا، چيو وڃي ٿو ته اليڪشن دوران ڏيپلي ۽ ڪلوئي واري تڪ تي ارباب لطف الله پاران ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي کي پنهنجي پولنگ ۽ حامين جا ووٽ نه ڏيارڻ سبب اختلافن ۾ تيزي آئي، جنهن سبب ٽنهي نمائيندن ارباب لطف الله جي رکرايل جلسي ۾ شرڪت نه ڪئي، ذريعن موجب ته شريڪ نه ٿيندڙ اڳواڻن کي جلسي ميزبانن پاران دعوت نه ڏيڻ جون ڳالهيون گردش ڪري رهيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.