مٺي(رپورٽ: غازي بجير) پ پ ضلعي ٿرپارڪر جي صدر انجنيئر گيانچند ٿاهراڻي عوامي آواز جي رابطي تي ٻُڌايو ته وڏي وزير جي جلسي جي مونکي دعوت هئي پر آئون ڪنهن مجبوري سبب پهچي نه سگهيس، هن چيو ته نيوي چڪ واري جلسي جي دعوت نه هجڻ واري خبر ۾ ڪا صداقت ناهي، ٻي پاسي پ پ پ ٿرپارڪر جي ترجمان ڪامريڊ نندلال مالهي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ سوشل ميڊيا ۾ وڏي وزير جي جلسي ۾ پ پ پ ٿرپارڪر جي قيادت پاران شريڪ نه ٿيڻ ۽ مقامي قيادت وچ ۾ هلندڙ اختلافن بابت خبرن جي وضاحت ڪئي ۽ چيو ته وزيراعليٰ جو جلسو ايل او بي ڊي جي آر ڊي 210 تي شادي لارج ويجهو ضلعي بدين ۾ رکيل هو، جنهن ۾ پ پ پ ضلعي بدين جي قيادت ۽ چونڊيل پارليامينٽرين موجود هئا، جڏهن ته پ پ پ ٿرپارڪر جي قيادت جلسي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ پابند نه هئي، هن چيو ته پيپلز پارٽي ٿرپارڪر جي قيادت جي وچ ۾ هلندڙ اختلافن بابت خبرن ۾ ڪابه صداقت ناهي. اهڙيون سموريون خبرون بي بنياد ۽ من گهڙت آهن.