ڪلوئي: پ پ ايم پي اي ارباب لطف الله جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته ٿرپارڪر ۽ بدين ضلعي جي ماڻھن جو وڏو مسئلو حل ٿي ويو آھي حڪومت جو ھي وڏو پروجيڪٽ ھو، بدين ۽ ٿرپارڪر جا ماروئڙا سنڌ حڪومت جا ٿورائتا آهن جنھن مدنظر رکندي وڏو وزير ھتي پهچي ماڻھن جومسئلو حل ڪيو آھي، 2022 جي ٻوڏ ۾ ايريگيشن جي وزير ڄام خان شوري ۽ ايريگيشن ڊپارٽمينٽ ھتي جي لوڪل ماڻھن سان جيڪو نڀايو انھي جو ڪوبه مثال ڪونه ٿو ملي. هن چيو ته ڪيترائي اقتدار آيا ڪنھن ڪم نه ڪيو اھو صرف پيپلزپارٽي ڪري ڏيکاريو، ھتي ھاڻي اھو سدائين لا۽ مسئلو ئي حل ٿي ويو آھي.ارباب لطف الله چيو ته اسان وزيراعليٰ ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو کي عرض ٿا ڪريون ته ڍورو پراڻ تي اسان کي تقريبن چئن پلين جي ضرورت آھي، جيڪي ٺاهي ڏنيون وڃن.