اسلام آباد (فخر دراني) پي ٽي آءِ تي پابنديءَ جو فيصلو اصولي طور تي ٿي چڪو آهي ۽ اهو فيصلو ن ليگ حڪومت جو نه پر اسٽيبلشمنٽ جو آهي ته پي ٽي آءِ کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. هاڻي ان معاملي تي فائنل فيصلو اتحادين سان صلاح مشوري کانپوءِ ڪيو ويندو. ان لاءِ حڪومت تڪڙ ۾ ڪو به قدم کڻڻ نه ٿي چاهي، ڇو ته سڀاڻي مخالف ڌر ۾ هوندي هنن سان به ائين ٿي سگهي ٿو. وفاقي ڪابينا جي ڪالهوڪي اجلاس جي ايجنڊا ۾ اهو معاملو شامل هو پر ان کي روڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته ن ليگ جي به ڪجهه ماڻهن پي ٽي آءِ مٿان پابنديءَ تي اعتراض واريا آهن. ان لاءِ ان فيصلي ۾ دير ٿي سگهي ٿي.
پاڪستان جي معيشت حساس قرار، سڌارن جي ضرورت آهي: ڊونلڊ بلوم
اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم پاڪستان جي معيشت کي حساس قرار ڏيندي چيو آهي ته سڌارن جي ضرورت آهي. اسلام آباد ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي ڊونلڊ بلوم چيو ته اسان پاڪستان ۾ شهري آزادي جو تحفظ چاهيون ٿا. ڊونلڊ بلوم چيو ته پاڪستان سان لاڳاپا آمريڪا لاءِ انتهائي اهم آهن. آمريڪا دهشتگردي خلاف پاڪستان جي ربانين جو اعتراف ڪري ٿو. پاڪستان جي معيشت نازڪ موڙ تي آهي.پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا غير معمولي آهن. گذريل سال پاڪستان-آمريڪا واپار جو حجم 9 ارب ڊالرن کان وڌيڪ هو. پاڪستان 6 ارب ڊالرن جو سامان ايڪسپورٽ ڪيو.آمريڪي سفير چيو ته اهو خيال غلط آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا لاڳاپن جو محور سڪيورٽي مسئلا آهن.
-
اسد قيصر پاران ڊسمبر تائين پي ٽي آءِ حڪومت اچڻ جو اشارو
اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد قيصر اشارو ڏنو آهي ته تحريڪ انصاف ڊسمبر تائين حڪومت ۾ ايندي. جيو نيوز جي پروگرام ”آج شاهزيب خانزاده سان گڏ“ ۾ ڳالهائيندي اسد قيصر چيو ته ڊسمبر تائين حالتون ٺيڪ ٿي وينديون، پي ٽي آءِ اسيمبلي ۾ اڪثريت حاصل ڪندي. اسد قيصر دعويٰ ڪئي ته نواز شريف ۽ شهباز شريف ۽ آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو ۾ اختلاف جون خبرون اچي رهيون آهن.