ڪوئيٽا ( م ڊ ) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي خانگي ٽي وي کي ڏنل خصوصي انٽرويو ۾ چيو آهي ته اسلام آباد ۾ ويٺل ماڻهو بلوچستان کي اڃان ناهن سمجهي سگهيا، اڄ تائين ڪور ڪمانڊر بلوچستان ٽرانسفر پوسٽنگ يا ڪنهن به ترقياتي اسڪيم جي ڳالهه ڪئي آهي، صوبي ۾ امن امان جي بحالي لاءِ سمورا ادارا هڪ پيج تي آهن، هن چيو ته ڪو منهنجو ساٿ ڏئي رهيو آهي، ڪو منهنجي مدد ڪري رهيو آهي، مان سمجهان ٿو ته هي تمام مثبت ڳالهيون آهن، هن چيو ته مارڪيٽ ۾ منهنجي تبديلي جون خبرون هلي رهيون آهن، هن چيو ته مون تي صدر آصف زرداري ۽ پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو اعتماد آهي، اسان بلوچستان ۾ کير ۽ ماکي جون نديون ته نتا وهائي سگهون پر بهتري ضروري آڻي سگهون ٿا. هن چيو ته بلوچستان حڪومت ۾ شامل مسلم ليگ ن جي سربراهه نواز شريف ۽ وزيراعظم جي مڪمل حمايت حاصل آهي، هن چيو ته صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي وڏي وزير جي حيثيت سان اڄ تائين اهڙو ڪو به مطالبو ناهي ڪيو، بلوچستان ۾ ڪرپشن ۽ اينٽي ڪرپشن کي فعال ڪيو ويو آهي،هن چيو ته بلوچستان حڪومت ۾ شامل وزيرن جون شڪايتون اينديون آهن ان لاءِ مون اينٽي ڪرپشن شعبي کي مڪمل اختيار ڏئي ڇڏيا آهن، مان بطور وزيراعليٰ 3 ڪمن کي مڪمل ڪرڻ چاهيان ٿو ، پهرين نمبر تي ڊولپمينٽ ماڊل کي بهتر ڪرڻ چاهيان ٿو، ٻئي نمبر تي صوبي جي 30 هزار نوجوانن کي ٻاهر موڪلي تربيت ۽ سکيا ڏئي روزگار فراهم ڪنداسين ، 3 نمبر تي صوبي ۾ ليور ٽرانسپلانٽ ٺاهي رهيا آهيون ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ڪوئيٽا شهر جي صفائي به ڪرائينداسين، گم ٿيل ماڻهن لاءِ ڪميشن قائم ڪئي وئي آهي،ڪميشن 80 سيڪڙو ڪيس ختم ڪري ڇڏيا آهن، هن چيو ته احتجاج ڪرڻ هر شهري جو حق آهي،ان کي بهتر ڪرڻ حڪومت جي ذميداري آهي، هن چيو ته گذريل ڏينهن ماهرنگ بلوچ جي اڳواڻي ۾ نڪتل ريلي ۾ پوليس وين کي ساڙيو ويو۽ هڪ عورت پوليس سان وِڙهي رهي هئي، ۽ پوليس اتان کان خاموشيءَ سان وڃي رهي هئي، هن چيو ته بلوچستان ۾ بي ايل اي ماڻهن کي مسنگ پرسن ڪيو آهي، جئين اقبال مري، عبدالواحد بگٽي، مير هزار مري، انهن جي ڊگهي لسٽ آهي هي ويچارا 2002 کان گم آهن، گم ٿيل ماڻهن کي ڳولڻ اسان جو فرض آهي.