کارسر جبل نه، سنڌ جي ثقافت آهي: ٺٽو ڪانفرنس

ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) سنڌ جي قومپرست اڳواڻن، اديبن، شاعرن، صحافين ۽ شاگردن سنڌ جي حسين ۽ ثقافت جو اھڃاڻ بڻيل قديمي ڪارونجھر جبل جي ڪٽائي، سنڌو درياءُ تي ٺھندڙ نون ڊيمن ۽ ڪينالن، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي لکين ايڪڙ زمين ڪمپني حوالي ڪرڻ سميت ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف ڳڻتي جو اظھار ڪندي فوري طور تي سنڌ جي سرڪاري زمين بي زمين ھارين ۾ ورھائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آھي. جيئي سنڌ قومي. پارٽي پاران سنڌ دشمن منصوبن خلاف ”ڪارونجھر بچايو، سنڌ بچايو“ قومي ڪانفرنس پريس ڪلب ٺٽو ۾ جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور جي صدارت ۾ منعقد ڪئي وئي، ڪانفرنس ۾ جيئي سنڌ محاذ جي وائيس چيئرمين نواز شاھ ڀاڏائي، ايس يو پي جي نائب صدر آزاد امير حسن پنھور، عوامي پورھيت تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊوڪيٽ جي اين کوسو، ايس ٽي پي لاڙ ڊويزن جي اڳواڻ جلال شاھ، عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر مٺا خان لاشاري، پريس ڪلب ٺٽو جي صدر اقبال جاکرو، سنڌ ڪلچرل فورم جي چيئرمين صادق لاکو، جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ راول ڪرناڻي، ساس جي رمضان ميمڻ، پورھيت مزاحمت تحريڪ جي سلمان جاکرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڪانفرنس کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جو سودو ڪيو آھي، ڪارونجھر ۽ کارسر جبل جي ڪٽائي، سنڌو ندي تي نون ڊيمن ۽ ڪينالن جي منظوري ۽ وسيلن جي ڦرلٽ انھي اقتدار حاصل ڪرڻ جي ڪڙي آھي. ھنن چيو ته کارسر ۽ ڪارونجھر رڳو جبل نه پر سنڌ جي ثقافت، حسناڪي ۽ مختلف مذھبن جي عبادتگاھن جو پرامن خطو آھي، حڪمران ھاڻي سنڌ جي حسناڪين جو قاتل بڻجي چڪو آھي، سنڌ جو ماڻھو ڪارونجھر جي ڪٽائي، سنڌ درياءُ تي ڊيمن ۽ ڪينالن جي اڏاوت، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي لکين ايڪڙ سنڌ جي زمين جي نيلامي ۽ ثقافتي ماڳن کي ڪمپنين حوالي ڪرڻ جي فيصلي جي سخت مخالفت ڪري رد ڪري ٿو. ھنن چيو ته ھِن وقت سنڌ گھڻ پاسائي سازشن ۾ ڦاٿل آھي جنھن خلاف مستقل مجازي سان گڏيل جدوجھد جي ضرورت آھي. ھنن اعلان ڪندي چيو ته ڪارونجھر ۽ کارسر جبل جي اوٽ ۾ رھندڙ مقامي ماڻھن سان لائحه عمل جوڙي گڏيل جدوجھد جو آغاز ڪيو ويندو ۽ ڪنھن به صورت ۾ سنڌ  جا وسيلا نيلام ڪرڻ نه ڏنا ويندا. ڪانفرنس ۾ عورتن ۽ ٻارڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جڏھن ته قومي شاعر سلمان جاکرو ترنم ۾ شاعري ٻڌائي واھ واھ ڪرائي ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.