خاران مان اغوا ٿيل مغوي جي بازيابي لاءِ شهر ۾ هڙتال، ڌرڻو

خاران ( م ڊ ) ضلعي انتظاميا جي لاپرواهي سبب مغوي مختيار مينگل بازياب نه ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي مختيار مينگل جي وارثن کي  بازيابي لاءِ ڪا معلومات ڏني آهي،  مغوي جي بازيابي لاءِ ڪجهه ڏينهن کان شهر ۾ شٽربند هڙتال جو سلسلو به جاري آهي، مظاهرين پنهنجو احتجاج جاري رکيو ۽ شٽر ڊائون ختم ڪري اڄ خاران ۾ اهم شاهراهن ۽ ڪوئيٽا خاران روڊ، ڪراچي خاران روڊ، جهنگل روڊ کي مڪمل طور تي بند ڪيو ويو آهي، احتجاج ۾ نوجوان جي وارثن سميت وڏي انگ ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين شرڪت ڪئي آهي. مظاهرين حڪومت کان مطالبو ڪيو ته نوجوان کي جلد بازياب ڪرايو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جي دائري کي وڌايو ويندو.  ٻئي طرف ڊپٽي ڪمشنر منير احمد سومرو چيو آهي ته مختيار احمد مينگل جي اغوا واري واقعي تي ضلعي انتظاميه پنهنجي ذميوارين کان غافل نه آهي، ان حوالي سان ضلعي انتظاميه اغوا جي بازيابي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪري رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.