خضدار ( م ڊ) خضدار جي علائقي گريشا ۾ گم ٿيل ماڻهن جي وارثن پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته جمعي جي رات ساڍي 4 وڳي يونيفارم ۽ سادا ڪپڙا پهريل ماڻهن عبدالواحد، خير جان ، عبدالرحمان گهرن ۾ گهڙي هٿياربندن جي زور تي گهرن مان ڦرلٽ ڪئي ۽ زبردستي پاڻ سان گڏ شاهه جان ، گورک ، عارف، رحمان، محمد جان ، ميار ، منير کي زبردستي پاڻ سان گڏ کڻي ويا. جن مان منير کي ڇڏيو ويو ۽ باقي سڀني کي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويوآهي، جيڪي اڄ ڏينهن تائين ناهن ڇڏيا ويا، هنن چيو ته هو گذريل ٽن ڏينهن کان روڊن تي احتجاج ۾ ويٺا آهن، هنن وڌيڪ چيو ته انتظاميا اسان جي ايف آءِ آر داخل نه ڪري رهي آهي، هن چيو ته اڄ کان نال ۾ شٽربندد هڙتال ڪئي ويندي، اميد آهي ته واپاري برادري اسان سان ڀرپور سهڪار ڪندي .