جرمني ۾ پاڪستاني قونصل خاني تي افغانين جو حملو، قومي جهنڊي جي بي حرمتي

فرينڪفرٽ/ اسلام آباد(م ڊ) جرمني جي شهر فرينڪفرٽ ۾ افغان شهرين پاران پاڪستان جي قونصل خاني تي پٿراءُ ڪيو ويو ۽ پاڪستاني جهنڊو لاهڻ جو افسوسناڪ واقعو پڻ پيش آيو، پاڪستان  جرمني ۾ پاڪستاني سفارتخاني تي حملي بعد جرمن حڪومت آڏو سخت احتجاج ڪندي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي.پاڪستاني سفارتي عملدارن پيش آيل واقعن تي جرمني جي پرڏيهي وزارت آڏو احتجاج ڪندي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.ميڊيا رپورٽس مطابق واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي به وائرل ٿي وئي آهي، جنهن ۾ افغان شهري پاڪستاني سفارتخاني تي حملي بعد قومي جهنڊو لاهڻ جي ڪوشش رهيا آهن پاڪستان اختيارين جو چوڻ آهي ته سفارخاني جي سڪيورٽي ذميواري جرمن حڪومت جي آهي، ٻي پاسي فرينڪفرٽ ۾ جرمن عملدارن پاڪستاني سفارتي عملي کي واقعي جي مڪمل جاچ ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد جرمن پوليس ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي، جن کان جاچ ٿي رهي آهي.پرڏيهي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته انتها پسند گروپ فرينڪفرٽ ۾ پنهنجي سفارتخاني تي حملي ۽ جرمن سيڪيورٽي جي ناڪامي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو.پرڏيهي ترجمان جو چوڻ هو ته ڪالهوڪي واقعي سان پاڪستاني سفارتي عملي کي جان جو خطرو هو ، ان ڪري جرمن حڪومت کي پنهنجي احتجاج کان آگاهه ڪيو پيو وڃي.پرڏيهي ترجمان چيو ته جرمني حڪومت ويانا ڪنوينشن تحت پنهنجي ذميوارين کي پورو ڪري ۽ پاڪستاني سفارتي مشنز ۽ عملي جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ فوري قدم کڻي.پرڏيهي ترجمان جرمنيءَ جي حڪومت تي به زور ڀريو ته ڪالهوڪي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪي سندن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.