اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج تي سنگين الزام، عورت پريس ڪانفرنس لاءِ تيار

اسلام آباد (معظم فخر) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ وڏي عهدي تي ويٺل هڪ شخصيت خلاف هڪ عورت پريس ڪانفرنس ڪرڻ جي تياري ڪري رهي آهي. ان عورت وٽ پڪا ثبوت به موجود آهن، پر کيس ڌريون پريس  ڪانفرنس ڪرڻ کان روڪي رهيون آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته ان عدالتي شخصيت عورت سان ڪجهه واعدا ڪيا هئا، جيڪي هن پورا نه ڪيا ۽ کيس هراسان به ڪيو. ذريعن موجب ان عدالتي شخصيت جو تعلق اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان آهي، اها سپريم ڪورٽ کي ادارن خلاف خط لکندڙ ججن ۾ به شامل آهي. ان تي الزام لڳايو ويو آهي ته هن پنهنجي عهدي جو ناجائز استعمال ڪندي عورت کي جنسي طور هراسان ڪيو. ان عورت هاڻي پريس ڪانفرنس جي تياري ڪئي آهي، جنهن ۾ هوءَ ان شخصيت جون تصويرون، آڊيوز، وڊيوز ۽ ٻيا ثبوت به پڌرا ڪندي. هوءَ پريس ڪانفرنس ڪرڻ لاءِ بضد آهي پر ڪجهه وڪيلن ۽ ٻين ماڻهن کيس روڪڻ جون ڪوششون ڪري رهيون آهن، سندن چوڻ آهي ته ان سان صورتحال خراب ٿي ويندي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 22 جولاءِ 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.