ڇا جرمني واقعي کانپوءِ افغانين جي ميزباني ٺهي ٿي؟ خواجا آصف

اسلام آباد (م ڊ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف سوال ڪيو آهي ته ڇا جرمني جي واقعي کانپوءِ افغانين جي ميزباني ٺهي ٿي؟  نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي، افغانين کي احسان فراموش قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان هن وقت به 40 لک افغانين جي ميزباني ڪري رهيو آهي، پاڪستان افغانين لاءِ روس سان جنگ وڙهي ۽ هاڻي دهشتگردي خلاف وڙهي رهيو آهي. ٻئي پاسي حڪومت جي خاتمي جي افواهن تي رد عمل ڏيندي هن چيو ته ملڪي تاريخ ۾ ٿيندڙ حادثن جي نتيجي ۾ ٺهندڙ غير جمهوري ۽ حادثاتي حڪومتن وٽان جنم وٺندڙ  نسل ڪنهن حادثي جي انتظار ۾ هر وقت شيرواني سبرائي تيار ويٺي آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ تي بيان ۾ خواجا آصف چيو ته اڄ ڪلهه گهڻيون پريس ڪانفرسز ۽ ٽي وي شوز ٿي رهيا آهن، وطن جي سياست 75 سالن ۾ اڻ ڳڻين حادثن کي جنم ڏنو. هن چيو ته جڏهن حالتن ۾ بي يقيني هوندي آهي ته نيون سياسي پارٽيون پريس ڪانفرنس، ٽي وي تي وات کولي ڇڏينديون آهن ۽ قبلو پنڊي ڏانهن ڪري وٺنديون آهن. بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته شفقت محمود جي سياست پيپلزپارٽي کان شروع ٿي وري مشرف کان ٿيندي شهباز شريف ۽ پي ٽي آءِ تي ختم ٿي. بچاءَ واري وزير ٽوئيٽ ڪندي چيو ته جڏهن شهباز شريف سان هيو ته عمران خان خلاف وڏا سٺا انگريزي ڪالم لکندو رهيو، ڏکئي وقت ۾ نڀائڻ، ڊي اين اي ۾ وفاداري ۽ حوصلو هجڻ الله جي عطا آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.