اسلام آباد(م ڊ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ الزام هنيو آهي ته بنون ۾ واپارين جي پرامن مارچ ۾ ڪجهه سياسي پارٽين جا ماڻهو شامل هئا، جن ۾ پي ٽي آءِ جا ڻهو هٿياربند ٽولن جي شڪل ۾ هئا. بنون امن مارچ واقعي ۾ پي ٽي آءِ ملوث آهي. هٿياربندن واقعي واري هنڌ پهچي فائرنگ ڪئي الزام وري فوج تي هنيا ويا.وفاقي وزير بنون واقعي جي جاچ لاءِ ڪنهن به قسم جي ڪميشن جوڙڻ جي ڳالهه نه ڪئي آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير الزام لڳايو ته تحريڪ انصاف جي انهن هٿياربندن ان موقعي تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ ڇڪتاڻ ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شخص مارجي ويو ۽ 22 زخمي ٿي پيا، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير الزام لڳائيندي وڌيڪ چيو ته تشدد جي سياست پي ٽي آءِ جي منشور جو حصو آهي. پي ٽي آءِ لاشن جي سياست ڪري ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪرڻ چاهي ٿي، پي ٽي آءِ جي لاشن واري سياست ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿي وٺي، هي ماڻهو هر وقت لاش ڳوليندا آهن، پنهنجي ئي ماڻهن کي ماريندا آهن ۽ ان جو الزام سڪيورٽي فورسز تي لڳندا آهن، عطا تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ سياسي نه پر دهشتگرد تنظيم آهي، اها تحريڪ طالبان پاڪستان تحريڪ انصاف ٽي ٽي پي ٽي آءِ آهي، عطاءُ تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ تي پابندي واري فيصلي تي پ پ سان مشاورت جاري آهي، اميد آهي ته پ پ هن معاملي ۾ به حڪومت جو ساٿ ڏيندي، پي ٽي آءِ اڳواڻن تي آرٽيڪل 6 لڳائڻ واري ڪارروائي ۾ پ پ حڪومت سان گڏ آهي، هن چيو ته جرمني جي شهر فرينڪفرٽ ۾ پاڪستاني قونصليٽ تي حملي ۾ جيڪڏهن ڪو پاڪستاني شهري ملوث هوندو ته ان جو پاسپورٽ رد ڪيو ويندو. نادرا کي چيو ويو آهي ته وڊيو جو جائزو وٺي ٻڌايو وڃي ته ڪو پاڪستاني شهري ملوث ته ناهي، جيڪڏهن ڪو پاڪستاني ان واقعي ۾ ملوث هوندو ته ان جو پاسپورٽ رد ڪيو ويندو.پاڪستان فرينڪفرٽ ۾ پاڪستاني قونصليٽ تي حملي تي لاڳاپيل ملڪ کان احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته جرمني ۾ پاڪستاني قونصليٽ تي حملي ۾ ملوث پاڪستاني شهري جي وڊيوز جي مدد سان نشاندهي ڪئي پئي وڃي، سندن شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪيو ويندو ۽ پاسپورٽ به رد ڪيو ويندو، سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته جرمن واقعي جي حتمي رپورٽ اڃا نه آئي آهي، جرمني واقعي جي رپورٽ اچڻ بعد ان کي عام ڪيو ويندو.