لاهور( بيورو+م ڊ ) ميانوالي جي 40 ورهين جي حليمه بي بي 2 ڏينهن اڳ ڇت تان ڪري پئي هئي ، جنهن کي اسپتال نيو ويو هو. پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ريسڪيو ايئر ايمبولينس ذريعي مريض جي منتقلي ٿي آهي، . ڇت تان ڪري مفلوج بڻيل مريض حليمه بي بي کي ميانوالي کان راولپنڊي منتقل ڪيو ويو. ميانوالي جي 40 ورهين جي حليمه بي بي 2 ڏينهن اڳ ڇت تان ڪري سخت زخمي ٿي پئي هئي، . حليمه بي بي جي جان بچائڻ لاءِ ڪنهن وڏي اسپتال منتقل ڪرڻ ضروري هو. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي هدايت تي حليمه بي بي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڊاڪٽر رضوان نصير آپريشن جي نگراني ڪئي. حليمه بي بي کي ريسڪيو ايئر ايمبولينس جي آزمائشي سروس ذريعي منتقل ڪيو ويو، حليمه بي بي جي گهروارن مريم نواز جو شڪريو ادا ڪيو، جڏهن ته مريم نواز چيو ته بهترين ۽ بروقت علاج پنجاب جي هر شهري جو حق آهي، جيڪو ضرور ڏنو ويندو.
-
ڇا سنڌ ۾ سرڪاري سطح تي ايئر ايمبولنس سروس شروع ٿيندي؟سماجي حلقا
ڪراچي(رپورٽر) پنجاب حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايئر ايمبولنس شروع ڪري ڇڏي آهي، ميانوالي ۾ ڇت تان ڪرڻ سبب زخمي عورت کي ايئر ايمبولنس ذريعي اسپتال منتقل ڪيو ويو، هوڏانهن سنڌ جي سڄاڻ ڌرين مطالبو ڪيو آهي ته پنجاب حڪومت جيان سنڌ حڪومت کي به ايئر ايمبولنس سروس شروع ڪرڻ گهرجي، ياد رهي ته عوامي آواز جي شهيد رپورٽر نصرالله گڏاڻي کي زخمي حالت ۾ رحيم يار جي اسپتال مان ايئر ايمبولنس ذريعي ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ان جو ڀاڙو اڃا تائين سنڌ حڪومت ادا نه ڪري سگهي آهي، جيڪا حيران ڪندڙ ڳالهه آهي.
-
اسٽينڊنگ ڪاميٽين جي چيئرمينن کي نيون گاڏيون ڏيڻ کان انڪار
اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق اسٽينڊنگ ڪاميٽين جي چيئرمينن کي نيون گاڏيون ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ نيون گاڏيون خريد ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. اسپيڪر ڪفايت شعاري پاليسي تي عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب اسپيڪر قومي اسيمبلي جي مانيٽائزيشن وٺندڙ آفيسرن کان گاڏيون واپس وٺڻ جا حڪم به جاري ڪيا آهن. هن چيو ته آفيسر قانون موجب ادائيگي ڪري گاڏي استعمال ڪن، آفيسر ۽ ايم اين ايز پراڻيون سرڪاري گاڏيون به احتياط سان هلائين. سردار اياز صادق پنهنجي لاءِ نئيين گاڏي وٺڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو. پروٽوڪول به محدود ڪري ڇڏيائين. سندس پروٽوڪول ٻن گاڏين تي ٻڌل آهي. ذريعن موجب اسپيڪر اياز صادق غير ضروري پرڏيهه جي دورن ۽ سرڪاري خرچن تي کاڌن تي به پابندي لڳائي ڇڏي آهي.