مقبوليت باوجود عمران خان اسٽيبلشمينٽ لاءِ ناقابل قبول

اسلام آباد(منيب فاروق)پي ٽي آءِ باني عمران خان اسٽيبلشمينٽ کي ڌمڪي ڏني آهي ته سندس گهرواري بشريٰ بي بي کي ڪجهه  ٿيو ته مان ڪنهن کي به نه ڇڏيندس،هن مريم نواز پاران ججن تي تنقيد ڪرڻ جي به مذمت ڪئي آهي، بشريٰ بي بي به چيو ته ملڪ جي ”ٽن “ کي شرم هئڻ گهرجي، جن ملڪ جي مخلص شخص کي جيل ۾ رکيو آهي ۽ چورن ڦورن کي حڪومت ۾ ويهاري ڇڏيو آهي، سندس بيان مان مطلب حڪومت ناهي پر هن جو اشارو آرمي چيف، آءِ ايس آءِ سربراهه ۽ ڊي جي سي جنرل فيصل نصير (آءِ ايس آءِ) ڏانهن آهي،جڏهن ته بنون واقعي تي پي ٽي آءِ جو موقف تباهه ڪندڙ آهي، پارٽي ايم اين اي شاندانه گلزار جو چوڻ آهي ته عوام جيڪڏهن غلطي به ڪري رهي هئي ته رياست کي خاموش رهڻ گهرجي، رياست عوام تي هٿ کڻندي ته اسان عوام سان گڏ هونداسين،عوام کي غلطي ڪرڻ جي اجازت آهي،پي ٽي آءِ جي خدمت ۾ عرض آهي ته رياست ۽ فوج خلاف نعرا لڳندا ته رياست جو ردعمل ايندو آهي، ان واقعي تي آزاد خيال صحافين جو اهو مڃڻ آهي ته ان پوري واقعي کي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي،صوبائي حڪومت انٽليجنس رپورٽن کي نظرانداز ڪيو،پي ٽي آءِ وڏي مشڪل ۾ ڦاسي پئي آهي، عمران خان مقبوليت باوجود اسٽيبلشمينٽ لاءِ ناقابل قبول آهي،عمران خان کي ان ڳالهه جو احساس ئي ناهي ته سندس پارٽي ڪٿي بيٺل آهي؟ فوج سان ويڙهه هن جي مفاد ۾ ناهي، هو ٿورو پوئتي هٽي ٿو ته خطري واري زون کان ٻاهر اچي سگهي ٿو.

عمران خان سياسي اڪيلائي جو شڪار،رڳو سپريم ڪورٽ مان اميدون

اسلام آباد(تجزيو: رئوف ڪلاسرا) اسٽيبلشمينٽ ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ويڙهه وڌي وئي آهي، پي ٽي آءِ تي پابندي جي حڪومتي اعلان جي جواب ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خطرناڪ ڳالهيون ڪيون آهن،عمران خان پي ٽي آءِ اڳواڻن جي ڪارڪردگي تي به چڙيل آهي،عمران کي ياد رکڻ گهرجي ته هو گوريلا جنگ نه پيو وڙهي،کيس سياسي طور مزاحمت ڪرڻ گهرجي، هن جو ڪارڪن هاڻي ٿڪاوٽ جو شڪار نظر اچي رهيو آهي،هن جي خاندان به مشڪلات ڏٺي آهي، هو پاڻ هن وقت سياسي اڪيلائي جو شڪار آهي، عمران خان سياسي فيصلن ۾ به بشريٰ بي بي جي مشورن کي اهميت ڏيندو آهي،عمران خان تي اڊيالا جيل ۾ تشدد جي حوالي سان پروپيگنڊا به عام آهي، تازو هن عالمي رسالي ۾ لکيو آهي ته کيس ڊيٿ سيل ۾ رکيو ويو آهي،بشريٰ بي بي علي ظفر جي حوالي سان الزام هنيا آهن ان جو مطلب ته پي ٽي آءِ جي رڌڻي ۾ رولو پيل آهي،عمران خان حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ کي هر صورت ۾ دٻاءُ ۾ آڻڻ چاهي ٿو، پي ٽي آءِ کي پ پ جي حوالي سان نرم رويو رکڻ گهرجي،ڇو ته پ پ پي ٽي آءِ تي پابندي جي حوالي سان راضي ناهي،عمران خان سمجهي ٿو ته هو ٿوري وقت لاءِ چپ رهيو ته اهو هُل هلندو ته پي ٽي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ سان ڊيل ٿي ويندي،هن کي رڳو سپريم ڪورٽ مان ئي اميدون نظر اچي رهيون آهن.

نوٽ: هي تجزيا، روزاني عوامي آواز، سومر 22 جولاءِ 2024ع تي شايع ٿيا

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.