ن ليگ ۾ نالائق ماڻهو اچي ويا آهن: آصف ڪرماڻي

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) نواز شريف جي اڳوڻي پوليٽيڪل سيڪريٽري آصف ڪرماڻي مسلم ليگ ن ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، گذريل ڏينهن مسلم ليگ ڇڏڻ جو اعلان ڪندڙ آصف ڪرماڻي جو چوڻ آهي ته هو ڪالهه به نواز شريف جي عزت ڪندو هو ۽ اڄ به ڪندو آهي پر هي اهو نواز شريف ناهي جنهن کي مان سڃاڻان، آصف ڪرماڻي چيو ته ن ليگ ۾ پيپلز پارٽي  ۽ جماعت اسلامي جا ماڻهو اچي ويا آهن، اهي ن ليگ جا چهرا ناهن،  هن چيو ته گهر مان نڪرندي مون کي اهو درد محسوس ٿيو ته هو پنهنجي پٺيان هڪ وفادار ساٿي ڇڏي ويو آهي، مسلم ليگ ۾ غير سنجيده ۽ نااهل ماڻهو اچي ويا آهن، هن چيو ته مان ڪنهن به پارٽي ۾ شامل نه ٿي رهيو آهيان، مان مسلم ليگي ڄائو آهيان ۽ مسلم ليگي خاندان جي فرد جي حيثيت سان مرڻ چاهيان ٿو، مون مسلم ليگ ن کي 18کان 20 سال ڏنا آهن، مان نواز شريف جي تمام گهڻو ويجهو رهيو آهيان. آصف ڪرماڻي چيو ته ميان صاحب سڀ ٺيڪ ناهي، عوام ۾ اچو ۽ ڏسوتوهان کي حقيقت سمجهه اچي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.