اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن جي چئن ميمبرن خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ميڊيا موجب پي ٽي آءِ باني بيرسٽر علي ظفر کي وڪيل طور ريفرنس داخل ڪرڻ جي ذميواري سونپي آهي، جيڪو سڀاڻي سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪندو. جڊيشل ڪائونسل کي چيو ويندو ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ڪميشن جي چئن ميمبرن کي هٽايو وڃي. ريفرنس ۾ چيو ويو آهي. ته پي ٽي آءِ کان چونڊ نشان کسڻ، ليول پلیئنگ فيلڊ نه ملڻ ۽ عام چونڊون وقت تي نه ٿيڻ جهڙا عنصر جائز هوندا. اسلام آباد جي اليڪشن ٽربيونل ۾ تبديلين کي به ريفرنس ۾ شامل ڪيو ويندو. هوڏانهن پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) باني چيئرمين عمران خان جي هدايت تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر سميت ٻين ميمبرن خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ لاءِ مشاورت شروع ڪري ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ طرفان چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ تي صلاح مشورا جاري آهن ۽ ان حوالي سان ڪالهه پي ٽي آءِ جي قانوني ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. پي ٽي آءِ جي قانوني ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ شبلي فراز، لطيف کوسا، سلمان اڪرم راجا ۽ ٻين وڪيلن شرڪت ڪئي پر ريفرنس داخل ڪرڻ بابت حتمي فيصلو قانوني ٽيم جي ٻئي اجلاس کانپوءِ ڪيو ويندو.