ڏهرڪي ۾ ساڍا 9 سالن جي نينگري جي زوري نڪاح تي انتظاميا خاموش، سول سوسائٽي ۾ ڪاوڙ

ڏهرڪي (رپورٽ: رمضان پيرزادو) ڏهرڪي جي محمدي محلي ۾ ساڍا نو سالا معصوم نينگري ثنا خليل جو مھينو اڳ برادري جي نوجوان سعيد مغل  سان نڪاح ڪرائڻ جي انڪشاف کانپوءِ انتظاميا توڻي ڪنهن حڪومتي اداري تحرڪ ناهي ورتو. واقعو سوشل ميڊيا تي وائرل آهي. نينگري جي پيءُ الزام هنيو آهي ته مصالحتي ڪاميٽي جي ميمبر مولوي محمد ابراھيم محمدي محلي جي رهواسي 34 سالا سعيد احمد مغل جو نڪاح  معصوم نينگري ثنا خليل کي سونيا گل ۽ سندس عمر نڪاح فارم ۾ 18 سال ڄاڻائي نڪاح پڙھائي ڇڏيو. نينگري جي پيءُ خليل وڌيڪ ٻڌايو ته زال سان گھرو مسئلي تان جھيڙو ٿيو  هو جنھن تان منھنجي 2 پٽن ۽ ڌيءُ کي کڻي گهر ڇڏي وئي، گھرواري مريم پئسن عيوض ڌيءُ جو وڏي عمر واري  شخص سان زبردستي نڪاح ڪرايو.. 4 جون 2024 تي نڪاح پڙهايو ويو جنهن جي ڪاپي موجود آهي. ٻئي پاسي سول سوسائٽي پاران اعلي اختيارين کان واقعي جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.