عمران خان کي ڊيٿ سيل ۾ رکڻ جي ترديد

اسلام آباد(م ڊ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني کي ڊيٿ سيل ۾ رکڻ جي ترديد ڪري ڇڏي.  پنهنجي هڪ بيان ۾ عطا تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ باني کي اڊيالا جيل جي صدارتي سوئيٽ ۾ رکيو ويو آهي.  مسلم ليگ (ن) ڪڏهن به سياسي انتقام نه گهريو آهي ۽ نه ئي انتقام ورتو آهي. عطا تارڙ چيو ته هڪ عالمي جرنل ۾ آرٽيڪل آيو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني کي ڊيٿ سيل ۾ رکيو ويو آهي، شهباز شريف کي پٺي ۾ درد باوجود بکتربند گاڏي ۾ آندو ويو. پي ٽي آءِ جي باني جا لفظ آهن ته اي سي لاهي ڇڏيندس. ٽي وي بند ڪري ڇڏيندس، دوائون وڃڻ نه ڏيندس. پي ٽي آءِ جي باني وٽ جيل ۾ ورزش جي مشين آهي، هلڻ لاءِ گيلري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.