ن ليگ جڊيشل ڪميشن جي چيئرمين کي خط لکڻ سياسي ڇڪتاڻ قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ جڊيشل ڪميشن جي چيئرمين کي اپوزيشن ليڊر  عمر ايوب ۽ سينيٽر شبلي فراز جي خط کي سياسي ڇڪتاڻ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته آئيني فورمن کي سياسي مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ افسوسناڪ ۽ پارلياماني روايتن جي ابتڙ آهي. ايڊهاڪ ججن جي مقرري بار ڪائونسلن ۽ ايسوسيئيشن جي مطالبي تي ڪئي وئي ته جيئن سپريم ڪورٽ ۾ التوا واري ڪيس کي ختم ڪري عوام کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.هن وڌيڪ چيو ته قوم ڏٺو ته جڊيشل ڪميشن ايڊهاڪ ججن جي مقرري جي منظوري آئين موجب اڪثريت سان ڏني، جڊيشل ڪميشن جي چيئرمين کي خط لکڻ رڳو سياست آهي، ڇاڪاڻ ته آئيني اداري جو سربراهه پاڻ جواب ناهي ڏيندو،آئيني فورمن کي آئيني ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي، انهن کي سياست جي ور نه چاڙهيو.  واضح رهي ته شبلي فراز ۽ عمر ايوب به جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جي چيئرمين ۽ ميمبرن کي خط لکي سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ ججن جي مقرري تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.