اسلام آباد (فخر دراني) حڪومت سوشل ميڊيا آڏو بند ٻڌڻ لاءِ نئين فائر وال آڻڻ لاءِ عملي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، ان لاءِ پرڏيهي ڪمپنين کان ٽينڊر گهرايا آهن. پي ٽي اي ان حوالي سان اي ٽينڊر جاري ڪيو آهي. ان ذريعي انٽرنيٽ جي نگراني ۽ سوشل ميڊيا تي ڪنٽرول لاءِ مڪينزم تيار ڪيو ويندو. ايڪس تي بندش کانپوءِ هاڻي حڪومت ۽ اسٽيبلشمنٽ تي تنقيد ڪندڙ يوٽيوب ۽ فيس بڪ اڪائونٽس کي بلاڪ ڪيو ويندو.