حيدرآباد/ نوشهروفيروز(پ ر+ڊ ر) آدمشماري ۾ سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش، زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضن، سنڌو درياءَ جي پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙن، ڌاڙيل راڄ، سردارن جي سرپرستيءَ ۾ ٿيندڙ قبيلائي جرڳن، زراعت جي تباهي ۽ سنڌ جي ٻين مسئلن تي عوامي تحريڪ طرفان نوشهرو فيروز پريس ڪلب ۾ سيمينار منعقد ڪيو ويو. سيمينار کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت اقتدار خاطر بوگس ڊجيٽل آدم شماري جا نتيجا قبول ڪري سنڌي قوم سان ويساهه گهاتي ڪري قومي ڏوهه ڪيو آهي، پيپلز پارٽي کي چوٿون ڀيرو اقتدار ان شرط تي ڏنو ويو آهي ته اقتدار ۾ اچي سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون، سنڌو درياهه، سنڌ جا وسيلا، گورک، ڪارونجهر، ٿر، ڪاڇو، ڪينجهر، هاليجي، ڪوهستان سڀ وفاق حوالي ڪندي. پيپلزپارٽي گذريل سورهن سالن دوران سنڌ کي بدامني لاقانونيت، ڌاڙيل راڄ، قبيلائي جرڳن، ڪرپشن، بک بيروزگاري کان سواءِ ڪجهه به ناهي ڏنو. مسڪين ماڻهن کي ڌاڙيلن هٿان اغوا ڪرايو وڃي ٿو ۽ ڪروڙين رپيا ڀنگ وٺڻ کي انڊسٽري جو درجو ڏنو ويو آهي. پريا ڪماري جي آزادي لاءِ ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙن مٿان سنڌ حڪومت جي وحشياڻي تشدد جي سخت مذمت ڪيون ٿا، لال جروار چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪري سنڌين کان پنهنجو تاريخي وطن ڦريو پيو وڃي. گرين ڪارپوريٽ انيشيٽو پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپني کي نارا تعلقي ۾ 20 لک زمين ڏئي بنا وياج جي هڪ سو ارب روپيا قرض ڏيڻ سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ برابر آهي. هن چيو ته اها زمين مقامي بي زمين هارين کي ڏني وڃي، نور احمد ڪاتيار چيو ته سنڌين سان ريڊ انڊين جهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، ايس آءِ ايف سي جي صورت ۾ اڻ اعلانيل مارشل لا لاڳو ڪئي وئي آهي. اتحادي حڪومت ايس آءِ ايف سي جهڙو عوام دشمن ادارو ٺاهي جمهوريت جو قتل ڪيو آهي. حسين سومرو چيو ته آبپاشي کاتو، آبپاشي نظام کي ته بهتر نٿو بڻائي پر صدين پراڻو آبپاشي نظام به سنڀالي ناهي سگهيو. آبپاشي کاتو نااهل ۽ ڪرپٽ ترين کاتو آهي. ڊاڪٽر فدا ڀريجو چيو ته سنڌ ۾ قبائلي دهشتگردي کي هٿي ڏني وئي آهي، سيمينار کي ايس يو پي اڳواڻ اسلم ڪوريجو، سنڌ ورڪرز پارٽي جي يونس راھو، سگا شاخ نوشھروفيروز جي صدر اعظم عالماڻي، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ گل ڀنگر، سنڌي ھاري تحريڪ جي اڳواڻ علي نواز عالماڻي ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو،سيمينار ۾ قراردادون منظور ڪيون ويون ته ڊجيٽل آدمشماري جي جعلي انگن کي رد ڪندي مطالبو ٿا ڪريون ته نئين سر پنهنجي مقرر وقت تي ڪرائي وڃي. لکين ايڪڙ زمينون زرعي انقلاب جي نالي ۾ مختلف ڪمپنين ۽ ادارن کي ڏيڻ بدران اهي زمينون صوبن جي اصلوڪن مقامي بي زمين هارين کي ڏنيون وڃن. ڊي ايڇ اي کي هاڪس بي جي 6000 هزار ايڪڙ زمينن ڏيڻ وارو فيصلو واپس وٺي اتي صدين کان آباد ڳوٺاڻن کي مالڪاڻا ڏنا وڃن. ان سان گڏ سموري سنڌ جي سرڪاري زمينن ۽ پڊن تي صدين کان رهندڙ ڳوٺاڻن کي ڳوٺ آباد اسڪيم تحت مالڪاڻا حق ڏئي بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن. گورک، ڪارونجهر، ڪينجهر، هاليجي، رني ڪوٽ ڪورٽ، مومل جي ماڙي، کارسر سميت سمورن تاريخي، ثقافتي ۽ سياحتي ماڳن، مڪانن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي ۽ انهن تان قبضا ختم ڪيا وڃن. اسٽيل مل جي سون جهڙي زمين کي ڀڳڙن مُٺ تي وڪرو ڪرڻ بند ڪري اسٽيل مل کي ٻيهر هلائڻ لاءِ خاص اپاءُ ورتا وڃن. کير ٿر ۾ موجود غيرملڪين کي نيڪالي ڏني وڃي. ارسا ايڪٽ ۾ ڪيل ترميم واپس وٺي سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي. سنڌ ۾ ڌاڙيلن کي پاليندڙ ۽ جديد هٿيار پهچائي ماڻهو اغوا ڪرائيندڙ سهولتڪارن ۽ سرپرستن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ اعلي عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي ملوث سردارن ۽ انتظاميه کي سخت کان سخت سزائون ڏنيون وڃن.