وڳڻ (رپورٽ:علي گل مغيري) وڳڻ شھر جي ڪهيري پاڙي واسي نوجوان ارشاد علي ڪھيري بلوچستان جي علائقي تربت ۾ نامعلوم ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويو، اهڙي اطلاع ملڻ بعد سندس جي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو، نوجوان تربت شهر ۾ ريڙھي تي برياني وڪرو ڪري گذر سفر ڪندو ھو. ظالمن ناحق نوجوان کان زندگي کسي ورتي آهي، نوجوان جي مڙھه آڻڻ لاءِ وارث بلوچستان جي شهر تربت روانا ٿي ويا نوجوان جي قتل تي وڳڻ شهر ۾ ڏک جي لهر ڇائجي وئي. هوڏانهن وڳڻ جي سماجي تنظيم سجاڳ نوجوان اتحاد جي اڳواڻن طرفان قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاجي مظاھرو ڪري بلوچستان حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، مظاھري کي اڳواڻن ڪامريڊ غلام حسين مغيري، گلاب وڳڻ، اعجاز علي وڳڻ، عاجز چانڊيو ۽ ٻين پاران خطاب ڪندَي چيو ته بلوچستان جي علائقي تربت ۾ ارشاد علي ڪھيري برياني جي ريڙهي ھلائي روزگار ڪندو ھو جن کي ڪالهه نامعلوم ھٿياربندن تربت اسٽاپ وٽ ڀري بازار ۾ فائرنگ ڪري شھيد ڪري فرار ٿي ويا، ھن وقت تائين تربت پوليس قاتل گرفتار ناھي ڪري سگھي 2 سال پھريان به ساڳي جڳھ تي وڳڻ واسي سعيد تنيو کي شھيد ڪيو ويو ھو انھي جا قاتل به ھن وقت تائين گرفتار ناھن ٿي سگھيا ھنن جو وڌيڪَ چوڻ ھو ته اگر تربت پوليس نوجوان جا قاتل گرفتار نه ڪيا ته ٽيجھي بعد قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ ڀرپور احتجاجي تحريڪ هلائي انڊس ھاءِ وي بند ڪنداسين، مارجي ويل نوجوان کي 5 نياڻين ۽ ٻن پٽن جو اولاد ھو،