اسلام آباد(م ڊ) جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته شفاف چونڊڻ لاءِ پي ٽي آءِ استعيفا ڏيڻ تي راضي آهي ۽ نين چونڊن لاءِ پي ٽي آءِ ڪي پي ڪي اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ تيار آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته پ پ ۽ ن ليگ بيوس آهن ، پ پ ۽ ن ليگ کي حڪومت راس نه پئي اچي، سندن خيرخواهي لاءِ چوندو هئس ته هي حڪومت نه وٺن، مولانا فضل الرحمان چيو ته اليڪشن کان اڳ چوندو هئس ته پي ٽي آءِ باني سان مقابلو چونڊ ميدان ۾ آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ اسيمبلين مان استعيفائون ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي، ان حوالي سان ڳالهين لاءِ 5 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن جي سربراهي ڪامران مرتضيٰ ڪندو، جڏهن ته ڪميٽي ۾ مولانا لطف الرحمان، فضل غفور، اسلم غوري ۽ مولانا امجد شامل آهن، اها ڪميٽي پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ڪندي، ۽ حڪمت عملي جوڙيندي، پي ٽي آءِ سان لاڳاپا معمول تي آڻي رهيا آهيون، ڪي پي ڪي ۾ به حقيقي مينڊيٽ ناهي، هن چيو ته پارلياماني ۽ مڪاني چونڊ گڏ ٿيڻ گهرجن.اسين ملڪ ۾ امن امان ۽ استحڪام آڻڻ چاهيون ٿا.شفاف چونڊڻ کان سواءِ ملڪ ۾ نه امن قائم ٿيندو نه وري معاشي استحڪام ايندو.ڇاڪاڻ ته معاشي استحڪام لاءِ سياسي استحڪام لازمي آهي، ان کانسواءِ ملڪ هلي نه ٿو سگهي، هن چيو ته هن وقت ملڪ ڪنهن به ايڊوينچر يا مارشلا جي سٽ سهي نه ٿو سگهي، حالتون ۽ اختيارن انهن جي هٿن مان نڪري چڪا آهن، اسٽيبلشمينٽ پنهنجي پاليسي تبديل ڪري، ايئن ملڪ نه هلندو.ٻي پاسي پي ٽي آءِ چيئرمين بريسٽر گوهر مولانا فضل الرحمان جي بيان جي ترديد ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ اسيمبليون ٽوڙڻ يا استعيفا ڏيڻ جي حوالي سان مولانا فضل الرحمان سان ڪابه ڳالهه نه ڪئي آهي. مولانا سان اهڙي ڪابه ڳالهه نه ٿي آهي نه وري فيصلو ٿيو آهي.