تحفظ آئين تحريڪ پاران 26 جولاءِ تي سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان

اسلام آباد (م ڊ) تحفظ آئين پاڪستان تحريڪ 26 جولاءِ تي سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان ڪيو آهي. محمود خان اچڪزئي جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ تحريڪ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحال ۽ مستقبل جي سياسي حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي باني ۽ ٻين قيدين جي آزادي لاءِ ٺهراءُ منظور ڪيو ويو. جنهن ۾ چيو ويو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ سندس گهر واري بشرا بي بي سميت سمورن پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي. اڳواڻن خلاف داخل ڪيس قانون ۽ انصاف جي اصولن جي ڀڃڪڙي آهن. وڌيڪ چيو ويو ته بنون امن مارچ ۾ ٿيل ڇڪتاڻ واري صورتحال جي جاچ لاءِ حاضر سروس جج جي سربراهيءَ ۾ عدالتي ڪميشن قائم ڪئي وڃي. ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته امن ڪرائڻ ۾ ناڪام آءِ جي ۽ چيف سيڪريٽري خيبرپختونخواه  کي برطرف ڪيو وڃي. هڪ ٻئي ٺهراءَ ۾ مطالبو ڪيو ويو ته بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ ڪيل واڌ کي واپس ورتي وڃي ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته مهانگائي گهٽائڻ لاءِ عوام کي فوري رليف فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.  مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو ويو آهي ته مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو آئين ۽ قانون جي فتح آهي. ان لاءِ حڪومت استعيفي’ ڏئي ۽ ملڪ ۾ فوري طور نيون چونڊون ڪرايون وڃن. اجلاس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر، عمر ايوب، شبلي فراز، رئوف حسن، صاحبزاده حامد رضا، علامه ناصر عباس ۽ جي يو آءِ شيراني گروپ جي چيئرمين سيد قاسم آغا شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.