نوشهري ۾ لنجار –چانڊيا برادري تڪرار تان نوجوان قتل

نوشھرو فيروز (رپورٽ: عتيق الرحمان وسطڙو) نوشھرو فيروز ڀرسان لنجار ۽ چانڊيا برادري ۾ زميني تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو، ٻنھي  طرفن کان فائرنگ سبب واٽ ويندڙنوجوان دادلو لنجار مارجي ويو، قتل ٿيندڙ نوجوان جو ٻنھي ڌرين سان واسطو نه ھو، پوليس ڳوٺ ۾ پھچي قتل ٿيل نوجوان جو لاش اسپتال  پھچايو ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي لاش گھر پھچڻ تي قھرام مچي ويو. ياد رھي ته لنجار چانڊيا تڪرار ۾ ھن مھل تائين 7قتل ٿي چڪا آھن ھن مھل تائين ڪو به فرياد داخل نه ٿي سگھيو نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ آئي آھي، پوليس جي نا اھلي سبب وڌيڪ خون ريزي جو خطرو خدشو برقرار آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.