ڊجيٽل آدم شماري کي سنڌ رد ڪري ٿي، جدوجهد ڪنداسين:صنعان قريشي

شڪارپور (ڊ ر) جسقم چيئرمين صنعان قريشي چيو آهي ته سنڌ جو وجود خطري ۾ آهي، وقت جي حڪمرانن ڊجيٽل آدمشماري جي نالي  ۾ سنڌ جي آدمشماري کي گهٽ ڏيکاري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي، جنهن جعلي آدمشماري کي سنڌ رد ڪري ٿي، اهڙن خيالن جو اظهار جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، جيئي سنڌ قومي محاذ شڪار پور ضلعي جي ڪانگريس اجلاس کي خطاب ڪندي چيو. ان موقعي تي جسقم شڪار پور جي ضلعي ڪانگريس کي جسقم مرڪزي عهديدارن مومن سمون ،ديدار شام ،ڏاڏو اطهر سومرو به خطاب ڪيو. ضلعي ڪانگريس مان ضلعي شڪارپور جي ضلع باڊي چوندي وئي جن کي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ڌرتي ماءُ سان وفاداري جو حلف پڻ کڻايو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.