ھڪ ٻئي ڍاڪا جو ڊھڻ !؟

منهنجي وات ۾ خاڪ. خدا ڪري ته منهنجو اندازو، وسوسا ۽ تجزيا  سئوسيڪڙو غلط هجن، پر ڇا ڪريان، مونکي اڄوڪي تضادستان جون حالتون، 1971ع وارن واقعن سان ملندڙ جلندڙ نظر اچي رھيون آھن. تڏھن ادارن جي لڙائي، شخصيتن جي ٽڪراءَ ۽ ھوش بدران جوش  کان ڪم ورتو ويو ۽ نيٺ ڍاڪا جي ڊھڻ جو واقعو ٿي ويو. اڄ به اهڙو ئي بحران آهي، ڪردار بھ اھي ئي آهن، البتھ انهن جا نالا بدلجي ويا آهن، تڏهن به سڀني جي غلطين اوڀر پاڪستان جي سانحي کي جنم ڏنو ھو، اڄ به سڀني جون  غلطين ڪٿي ملڪ کي ڪنهن نئين سانحي ڏانهن نه ڌڪي ڇڏين، تڏھن جي حالتن ۽ اڄ جي معاملن جي ڀيٽ  گھڻي ھوش اڏائيندڙ صورتحال ۽ سبق آموز آهي.

1971ع ۾ سڀ کان وڏو مسئلو اهو هو ته شيخ مجيب کي ڪيئن روڪڻو آھي ؟ ان وقت جي مقتدرا، اولھھ پاڪستان جي اڪثر سياستدانن ۽ ماڻهن جو خيال هو ته جيڪڏهن شيخ مجيب آيو ته هو  ڇھن نڪتن تي عمل ڪندي ملڪ کي ڪمزور ڪري ڇڏيندو يا ٽوڙي ڇڏيندو، اڄ جو مسئلو بھ لڳ ڀڳ اهو ئي آهي، مقتدرا، ملڪ جي ٻن سياسي جماعتن ۽ انھن جي حامين جو  خيال آھي تھ  جيڪڏهن عمران خان اچي ويو تھ ملڪ معاشي طور تباهه ٿي ويندو ۽ حڪمراني ختم ٿي ويندي. ان وقت شيخ مجيب کي اليڪشن ۾ هارائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هو اوڀر پاڪستان ۾ سوئيپ ڪري ويو، هن ڀيري پي ٽي آءِ جي خيال ۾ عمران خان جي پارٽي سوئيپ ڪري چڪي آهي جيتوڻيڪ هن کي هارائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ھئي.

جيڪڏهن ان وقت شيخ مجيب ۽ مقتدره هڪ ٻئي جي آمھون سامھون ھئا  تھ اڄ عمران خان ۽ مقتدرا ھڪ ٻئي جي مدمقابل آھن.ان وقت مقتدرا جي ساٿ ڏيندڙن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ جماعت اسلامي ھئا. اڄ مقتدره جو ساٿ ڏيندڙن ۾ آصف علي زرداري ۽ نواز شريف آھن. اڳ بھ کاٻي ڌر جي پيپلز پارٽي ۽ ساڄي ڌر جي جماعت اسلامي ”قومي مفاد“ ۾ مقتدره سان گڏ هيون ۽ اڄ بھ لبرل پيپلزپارٽي ۽ ساڄي ڌر جو پراڻو ذھن رکندڙ ن ليگ مقتدرھ سان گڏ آھن.ڪالھھ شيخ مجيب کي مڪتي باني جي ھٿياربند حمايت حاصل ھئي ۽ اھا پاڪ فوج تي حملا ڪري ان کي نقصان پھچائي رھي ھئي،اڄ جي مڪتي باني سوشل ميڊيا آھي،جيڪا پاڪ فوج تي گولين جھڙن گارين جو وسڪارو ڪري ٿي.ماضي ۾ جھڙي طرح  هندستان ۽ ٻين ملڪن شيخ مجيب جي اخلاقي ۽ مالي مدد ڪئي ھئي اڄ عمران جي مدد اوورسيز طرفان اچي رهي آهي، اوڀر پاڪستان ۾ مقرر جنرل نيازي ۽ رائو فرمان  ھڪ ٻئي سان جھيڙي رھيا ھئا، اڄ جي پاڪستان جي سياست جا فيصلا ڪندڙ پڻ  افراتفري جو شڪار آهن، جيتوڻيڪ انهن ۾ سرچاءَ ڪرايو يوآهي، پر اتحاد اڃا تائين نظر نٿو اچي.

چيو وڃي ٿو ته شيخ مجيب ۽ عوامي ليگ جي انسپائريشن اتي جا دانشور هئا، اڄ عمران خان جي حامين جي نئين انسپائريشن عدليه جا فيصلا آهن، جڏهن اوڀر پاڪستان ۾ آپريشن جو فيصلو ٿيو ته سڀ  کان پهرين دانشورن کي چونڊي چونڊي قتل ڪيو ويو. جنرل ٽڪا خان ٻن ٽن ڏينهن جي آپريشن ۾ سڀني کي فارغ ڪري ڇڏيو.اڄ بھ جڏھن مقتدرھ  ۽ حڪومت گڏجي ڪري جيڪا حڪمت عملي ٺاهينديون، ان جو پهريون نشانو عدليه جا اهي جج هوندا جيڪي مقتدرھ  ۽ حڪومت کي غير مستحڪم ڪرڻ جا ذميوار سمجهيا وڃن ٿا.

آگ ہے، اولادِ ابراہیم ہے، نمرود ہے

کیا کسی کو پھر کسی کا امتحان مقصود ہے

ھڪجھڙايون تھ ٻيون به آهن، پر ڪجهه فرق  به آهن، اوڀر پاڪستان مقتدره جي پهچ کان گهڻو پري هو، اتي ٽينڪ به نه ٿي وڃي  سگهيون، اڄ جو تضادستان انھن جي پهچ ۾ آهي، ان وقت يحيٰ خان مدارالمهام هو، اڄ  ان جي جاءِ تي هڪ مختلف شخصيت موجود  آهي.يحيٰ خان مستقل صدر رھڻ پئي چاھيو، اڄ ائين نظر نٿو اچي. انهن ڪجھھ مختلف عنصرن  باوجود معاملا ساڳي ريت  ڊيڊلاڪ جو شڪار آهن، ڪا به ڌر لچڪ ڏيکارڻ لاءِ تيار ناهي. مجيب جي مخالفن کي ڊپ  هو ته جيڪڏهن کيس اقتدار مليو ته هو اوڀر پاڪستان ۾ اولھھ پاڪستان جي سويلين ۽ فوجي فردن کي ڦاهي تي چاڙهي ڇڏيندو.اڄ بھ خدشو آھي تھ عمران جا حامي سندن مخالفن کان خوفناڪ بدلو وٺندا.

سياست جي هڪ ننڍڙي شاگرد جي حيثيت ۾ مان گذريل ڏيڍ سال کان مفاهمت ۽مصالحت  لاءِ پنهنجو قلم ڇڪيندو رهيو آهيان،لنڊن ۾ نوازشريف صاحب کي درخواست ڪئي تھ توھان اقتدار ۾ اچڻ وارا آھيو،توھان اچي انتقام جو  سلسلو بند ڪري ڇڏجو،بدلو نھ وٺجو.ھن ان درخواست کي ڌان جوڳو نھ سمجھيو.بار بار پنھنجي سينئر ساٿين سان گڏجي زامن اپرڪ ۾ وڃي ڪري عمران خان کي درخواست ڪئي ته جيڪڏهن سياسي مفاهمت ۽ مصالحت نه ٿي ته صورتحال خراب ٿي ويندي، اها ڪوشش به ڪامياب نه ٿي سگھي.

مقتدره تائين سڌي سنئن ڪا رسائي  نه آهي، پر لکڻين ۽ گفتگو ذريعي انهن بار بار عرض ڪيو ته جيڪڏهن ويڙهه جاري رهي ته بحران وڌي ويندا،اتي بھ ڪا شنوائي نھ ٿي ۽ هاڻي صورتحال اها آهي ته خوف ٿيڻ لڳو آھي تھ  ڪو نھ ڪو حادثو ٿي ويندو ۽ پاڪستان جو ملڪ وري ڪيترائي ڏهاڪا پوئتي هليو ويندو.

مونکي اھو ڊپ ناهي ته پاڪستان ٽٽي ويندو يا نئون بنگلاديش ٺهي ويندو، مونکي ڊپ آهي ته پاڪستان جي واحد متفقه دستاويز ”آئين“ سبوتاز ٿي ويندو. منهنجي ناقص راءِ ۾ وڙهڻ جو هر ڪنهن کي نقصان ۽ مفاهمت جو هر ڪنھن کي فائدو آهي، پرواحد  شرط لچڪ آهي، انا ۽ ضد ڇڏي،ھڪ هڪ قدم پوئتي هٽڻو پوندو. قائداعظم جو مثال وٺو، هن سڄي بنگال، سڄو پنجاب، حيدرآباد، دکن، ڪشمير ۽ منادر کي پاڪستان ۾ شامل ڪرڻ پئي چاهيو، پر سندس بقول تھ کيس ”ڪٽيل ڦاٽل  پاڪستان“ قبول ڪرڻو پيو.بھرحال  ان ٺاهه جي باوجود، هو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويو.

فرض ڪريو جيڪڏهن مفاهمت ۽مصالحت ٿئي ٿي  ته عمران لاءِ اڄ نھ سڀاڻي ضرور  اقتدار جا دروازاکلي ويندا. نون ليگ کي فائدو اهو ٿيندو ته اها حڪومت  ۾ ويٺي ڳالهيون ڪندي تھ ان کي بهتر ڊيل ملي ويندي.مقتدرھ  لاءِ فائدو اهو آهي ته ان جي ساک کي جيڪو نقصان پهتو آهي، ان جو فوري ازالوٿي ويندو. مفاهمت جو نقصان رڳو جمهوريت جي دشمنن کي ٿيندو جيڪي تضادستان ۾جمھوريت کي ويڙھي  ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جو حصو بڻجڻ چاهين ٿا.

وقت جي گهرج اها آهي ته اتحادي حڪومت ۾ شامل جمهوري ماڻهو پنهنجي پارٽين کي مجبور ڪن تھ اھي  پي ٽي آءِ تي پابندي جو فيصلو واپس وٺن، پي ٽي آءِ اندر ويٺل اعتدال پسند اڳواڻن جو فرض آهي ته اھي پنهنجي اڳواڻ ۽ پارٽي ٻنهي کي جارحاڻي موقف اختيار ڪرڻ کان روڪين،عمران خان کي گھرجي تھ اھو سوشل ميڊيا جي ھر شيءَ کي پنھنجي سمجھڻ واري پاليسي بند ڪري ڇڏي.سوشل ميڊيا جي دٻاءَ مان ٻاهر نڪري ۽ ٿڌي دل سان فيصلو ڪري ته ڇا مقتدرھ سان تڪرار ملڪ جي مفاد ۾ آهي؟

جيڪڏهن نه، ته پوءِ توهان ان کي ڇو نٿا روڪيو؟ مقتدره کي به سڌي گذارش آهي ته دنيا بدلجي وئي آهي، توهان بھ بدلجو، زور زبردستي جو دور ختم ٿي ويو آهي، پي ٽي آءِ کي بھ پارليامينٽ ۾ جاءِ ڏيو. تحريڪ انصاف کي گهرجي ته هو پنهنجي گارين ڏيندڙ ليڊرن کي لغام ڏين. انتقام وٺڻ جي راهه تي هليا  ته سڄو پاڪستان رت سان لال ٿي ويندو، پر انهن سان اختلاف ڪرڻ وارا  ختم نه ٿيندا. فوج به تاريخ مان سبق سکي، نه ته جنرل ٽڪا اوڀر پاڪستان جي آواز کي دٻائي سگهيو ۽ نه ئي جنرل نيازي ڍاڪا جي ڊھڻ  واري ذلت کان بچي سگهيو. تجربي ۽ تاريخ مان سکي ڪري جيئڻ ئي بهترين رستو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.