بنگلاديش ۾ امن امان جي صورتحال گھڻي خراب آھي.ڪجھھ ڏينھن کان هلندڙ احتجاج ۾ ھن وقت تائين ھڪ سئو کان وڌيڪ ماڻھو مارجي ويا آھن.اصل ۾ اھو احتجاج ڪوٽا سسٽم خلاف ھو پر حڪومت پاران ھٺ ڌرمي سبب اھو تشدد ۾ بدلجي ويو.يونيورسٽي جي هزارين شاگردن سرڪاري نوڪرين ۾ ڪوٽا سسٽم خلاف ڪيترن هفتن کان احتجاج ڪري رهيا آھن.
اصل ۾ 1971 ۾ پاڪستان کان ڌار ٿيڻ کان پوءِ ملڪ جي سرڪاري شعبي جي نوڪرين جو ٽيون حصو آزاديءَ جي لاءِ ان وقت ٿيل جنگ ۾ فوت ٿيل اڳوڻن فوجين جي خاندانن لاءِ مخصوص ڪيل آهي. شاگردن ان سسٽم کي امتيازي قرار ڏيندي،ميرٽ جي بنياد تي نوڪرين جي ڀرتي جو مطالبو ڪري رهيا آهن.يونيورسٽي ڪيمپس مان اھو احتجاج تھ پرامن شروع ٿيو پر جلدي ئي احتجاجن مظاھرن جو سلسلو سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويو.جنھن بعد تشدد جي واقعن ۾ لڳ ڀڳ ھڪ سئو کان وڌيڪ ماڻھون ان ۾ فوت ٿي ويا آھن.
احتجاج ڪندڙ چوڻ آهي ته پوليس ۽ ملڪ جي حڪمران عوامي ليگ جي شاگرد ونگ (جنهن کي بنگلاديش ڇاترا ليگ پڻ سڏيو ويندو آهي) پرامن احتجاج ڪندڙن خلاف طاقت جو استعمال ڪري عوامي ڪاوڙ کي دعوت ڏني.جنھن سبب اھي واقعا ٿياآهن.پرحڪومت انهن الزامن کي رد ڪري ٿي. 100 کان وڌيڪ مارجي ويلن مان 50 کان وڌيڪ ماڻهو صرف جمعي جي ڏينهن مارجي ويا.حڪومت انٽرنيٽ ۽ ٽيليفون سروس به بند ڪري ڇڏي آهي. جيتوڻيڪ احتجاج تھ شاگردن شروع ڪيو پر ھن وقت زندگي جي هر شعبي جا ماڻهو احتجاجي تحريڪ ۾ شامل ٿي ويا آهن. بنگلاديش دنيا جي تيز ترين اڀرندڙ معيشتن مان هڪ آهي، پر اها ترقي يونيورسٽي گريجوئيشن لاءِ نوڪريون پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب نھ ٿي سگهي.
خيال آھي تھ ھڪ ڪروڙ 80 لک بنگلاديشي نوجوان نوڪريون جي ڳولا ۾ آهن. يونيورسٽي جي گريجوئيشن ۾بيروزگاري جي شرح ٻين جي ڀيٽ ۾وڌيڪ آهي. بنگلاديش تيار ٿيل ڪپڙن جي برآمد لاءِ پاور هائوس بڻجي چڪو آهي. جيڪو عالمي مارڪيٽ ۾ 40 ارب ڊالر جو ڪپڙو برآمد ڪري ٿو. ان شعبي ۾ 40 لک کان وڌيڪ ماڻهو ملازمت ڪن ٿا،جنھن ۾ اڪثريت عورتن جي آهي. پر پڙهيل لکيل نوجوان نسل لاءِ اھي نوڪريون ڪافي ناهن.
بنگلاديش جي وزيراعظم شيخ حسينه واجد 15 سالن کان ملڪ جي حڪمران آھي. ڍاڪا ۾ نوان رستا، پليون، ڪارخانا ۽ ميٽرو ريل ھلن پيا، سمجھيو پيو وڃي تھ ملڪ ترقي ڪري رھيو آهي. گذريل ڏھاڪي دوران ملڪ ۾ في ماڻهو آمدني ٽڻ تي وڌي چڪي آهي. ورلڊ بينڪ جو اندازو آهي،گذريل 2 سالن ۾ ٻھ ڪروڙ 50 لک کان وڌيڪ ماڻهون غربت مان نڪريا آيا آھن ۽ بهتر زندگي گذارين پيا.پر ڪيترن ئي ماڻھن جو خيال آهي ته ان ترقيءَ مان صرف شيخ حسينه جي عوامي ليگ جي ويجهن ماڻهن کي فائدو ٿيو آهي.
رواجي ۽ سوشل ميڊيا موجب هڪ اڳوڻي آرمي چيف، اڳوڻي پوليس سربراهه، سينيئر ٽيڪس آفيسر سميت حڪمرانن جي ويجھن ماڻھن تي ڪرپشن جا الزام آھن.حسينه واجد گذريل هفتي چيو هو ته ڪرپشن ھڪ پراڻو مسئلو آهي ۽ ان خلاف ڪارروائي ڪري رهي آهي. جيتوڻيڪ ملڪ ھڪ طرف ترقي ۾ اڳڀرو آھي تھ ٻئي پاسي ڪرپشن جي شڪايت بھ عام جام آھي،بيروزگاري،مھانگائي توڙي حڪومت جي سخت روين تي پڻ عوام کي گھڻي ڪاوڙ آھي.
انساني حقن جي ڪارڪنن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ 15 سالن دوران ڪرپشن کان وڌي آھي ۽جمهوري سرگرمين جي آزاديءَ محدود ٿي آهي. هيومن رائيٽس واچ جي ڏکڻ ايشيا موجب گذريل ٽن چونڊن مان ھڪ چونڊ بھ اعتبار جوڳي آزاد ۽ منصفاڻي نه ٿي آهي.
جيڪڏھن ماڻھن جا مسئلا وڌي وڃن تھ انھن وقت احتجاج واحد رستو ھوندو آھي ۽ حڪمران ڌر احتجاج کي ٻڌڻ ۽ سمجھڻ بدران سخت رويو اختيار ڪري ٿي تھ ان جو نتيجو تشدد جي صورت ۾ سامھون اچي ٿو. حڪمران ڌر جي ماڻھن جو چوڻ آھي تھ اھي احتجاج جي سخت ڪاررواين باوجود ان کي انتهائي تحمل سان منھن ڏين پيا.انھن جي دعويٰ آهي ته احتجاجن جي پٺيان سندن سياسي مخالفن ۽ اسلام پسند پارٽيون عوام کي ڀڙڪائي تشدد جو رستو اختيار ڪري رھيون آھن،قانون واري وزير انيس الحق چيو آهي ته حڪومت مسئلن تي ڳالهائڻ لاءِ تيار آهي.حڪومت احتجاج ۾ شامل شاگردن سان رابطي ۾ آهي. جيڪڏهن ڪو معقول دليل آهي ته اسان ٻڌڻ لاءِ تيار آهيون.
صورتحال جو حل ڇا آھي؟ اهو ان تي هوندو ته شيخ حسينه ھاڻوڪي خطرناڪ بدامني کي ڪيئن منهن ڏئي ٿي ۽ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته هوءَ وڌندڙ عوامي ڪاوڙ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪهڙو رستو اختيار ڪري ٿي.