صوفي راڳي سوڍل فقير جو لاڏاڻو

تحرير: نور خان بکراڻي

فنڪار ڪڏهن به سرحدن جا مُحتاج نه ھوندا آھن ھو ڏيھه توڙي پرڏيھه ۾ پيار، محبت ۽ امن جا سفير بڻجي پنهنجي علاقي جي ثقافت کي اُجاگر ڪندي فن، آواز ۽ سُر سنگيت وسيلي اُداس ۽ مايوس چهرن تي مُرڪون، مسڪراهٽون وکيري ھروقت لکين دلين تي راڄ ڪندا آھن. سنڌ جو سرموڙ، سُريلو ۽ ڀلوڙ راڳي سوڍل فقير لغاري ڪجھه وقت بيماري جي بستري تي زندگي ۽ موت سان مُقابلو ڪندي ساھ جو سڳو ٽُٽڻ جي نتيجي ۾ فن ۽ آرٽ جي دنيا کي ھميشه لاءِ الوداع چئي ھزارين مداحن، چاهيندڙن ۽ ٻُڌندڙن کان وڇڙي اھڙي ابدي سفر تي ڏُور ھليو ويو جتان اڄ ڏينهن تائين ڪو به واپس موٽي نه آيو آهي.

سِنڌ جو ناميارو صوفي فنڪار سوڍل فقير لغاري 1959ع ڌاري موري تعلقي جي ڳوٺ لغاري بجراڻيءَ ۾ علي بخش لغاري جي گهر جنم ورتو، پر وڏا اصل ڪاڇي جي ڳوٺ چاڪر ڪوٽ، تعلقي جوھي ضلعي دادوءَ جا رھواسي ھئا. وقت جي وھڪرن سان اُتان لڏي اچي ديھ خيري ديري، تعلقي موري، ضلعي نوابشاه ھاڻوڪي ضلعي نوشهرو فيروز ۾ "لغاري بجراڻيءَ” نالي پنهنجو نئون ڳوٺ اڏي رھائش پذير ٿيا. سندس ڏاڏو محمد حسن توڙي والد علي بخش لغاري پڻ صوفي راڳ ڳائيندڙ فنڪار ھئا. پاڻ راڳ جي ابتدائي سکيا پنهنجي والد صاحب ۽ احمد شاہ، ڳوٺ جوڻالي تعلقي موري مان ورتي. سندس تعلق راڳي گهراڻي سان ھجڻ ڪري پاڻ 20 سالن جي ننڍڙي ڄمار ۾ ئي راڳ سان نينهن جو ناتو جوڙي ڇڏيو ۽ صوفي بزرگن جي درگاهن تي وڃي پنهنجي مُنفرد ۽ خوبصورت آواز ۾ صوفياڻو ۽ عارفاڻو ڪلام ڳائي محفل ۾ بيحد داد حاصل ڪندو ھو.

سوڍل فقير شاعرن جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي، حضرت سچل سرمست، بابا بلي شاهه، حضرت رکيل شاھ، حضرت چيزل شاھ، جانڻ فقير چن ۽ راشد مورائي کانسواءِ ڪيترن ئي صوفي شاعرن کي ڳايو آهي. محمد قاسم ماڪا کيس پنهنجي اسٽوڊيو ۾ مُتعارف ڪرائي سندس ڳايل ڪلامن جون 12/13 رڪارڊ ڪيل ڪيسٽون رليز ڪيون جن کي ٻُڌندڙن طرفان تمام وڏي پذيرائي ملي ۽ سوڍل فقير پنهنجي منفرد آواز جي سحر وسيلي وستي واهڻ، جهر جهنگ، گهرگهر ماڻهن جي دلين تي اھڙو ته اثر ڪري ڇڏيو جو ٿوري ئي عرصي اندر پاڻ کي ھڪ مقبول فنڪار طور شمار ڪرائڻ لڳو. سنڌ جي ھن البيلي ۽ سدا بهار امر راڳي تي ڪورونا وبا جي دؤران لاڪ ڊائون وارن ڏينهن ۾ درگاھن تي ڳائڻ، خوشين جون محفلون ۽ شادي تقريبن ۾ راڳ ويراڳ تي بندش سبب مالي ۽ معاشي حالتون وڌيڪ تنگ ٿي پيون جنهن سبب فاقاڪشي ڪاٽڻ تي مجبور ٿي پيو ۽ ثقافت کاتي به پڻ ھن ناليواري صوفي ڪلاڪار جي بلڪل پرگهور ۽ سار نه لڌي ۽ مُفلسي، غُربت ۽ ڪسمپرسيءَ واري حالت ۾ کيس بيماري وڪوڙي حال ئي ھيڻا ڪري ڇڏيا ھئا. بدقسمتيءَ سان اهڙا فنڪار جيڪي سنڌ ڌرتيءَ جا اثاثا آھن، پر کين ڏکي وقت تي ڪو سهارو ڏيڻ وارو ڪونهي. افسردگي ۽ بيوسيءَ جي عالم ۾ سوڍل فقير موت کي ويجهي کان ڏٺو ۽ بيماري جي بستري تي ڄڻ انمول زندگيءَ جا خوبصورت ڏينهن پنهنجو پاڻ ڳڻڻ لڳو ھو. افسوس! ثقافت کاتي توڙي سرندي وارن به ھن مجبور، بيوس ۽ لاچار قومي سنڌي فنڪار جي مالي سهائتا ڪو نه ڪئي، جنهن سبب سندس مُعاشي مُشڪلاتون وڌي ويون ۽ احساسن جا درد ٻيڻا ٿي ويا.

بيشڪ! ھي حسين زندگي موت جي امانت آهي. ھر ساھواري لاءِ موت ھڪ مهڻو نه بلڪ اٽل ۽ اڻٽر حقيقت آهي، جنهن کان ڪنهن به صورت ۾ انڪار نه ٿو ڪري سگهجي، پر ڪجهھ وڇوڙا زندگيءَ جي ڪينواس تي اھڙا ته نقش اُڀاري ويندا آھن، جن کي وسارڻ ڪنهن به انسان جي وس ۾ نه ھوندو آھي.

سوڍل فقير لغاري فن ۽ سنگيت جي دنيا جو ھڪ لازوال ڪردار ۽ نه وسرندڙ نالو ۽ اُھو چمڪندڙ ستارو آھي، جنهن جي روشني ۽ خوشبوءِ صدين تائين محسوس ڪئي ويندي.

ٽيون ڏينهن 17 جولاءِ 2024ع مُطابق 10 مُحرم الحرام تي 65 ورھين جي ڄمار ۾ لکين چاهيندڙن ۽ پرستارن جون اکيون اشڪبار ڪندي اوچتو موڪلاڻي سان سُر ۽ سنگيت جي دنيا کي سوڳوار ۽ اڪيلو ڇڏي، ھن فاني جهان مان ھميشه لاءِ موڪلائي آخري ۽ ابدي سفر تي ھليو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.