بنگلاديش تيستا رٿا چين بدران ھندستان کي ڇو ڏني ؟

بنگلاديش جي وزير اعظم شيخ حسينه تازو چين جو دورو ڪيو،جنھن کي غيرمعمولي اھيمت ڏني پئي وئي،پر ان وچ ۾ ھو چين جو دورو اڌ ۾ ڇڏي واپس موٽي آئي.جنھن کانپوءِ ھن ھڪ اھم ميگا پراجيڪٽ ۾ ھندوستان جي مدد حاصل ڪرڻ  جو ارادو ڪيو آھي.ان ڳالھه کي بھ ميڊيا ۾ ڏکڻ ايشيا جي سياست ۽ علائقائي اسٽريٽيجڪ حوالي سان اھم قرار ڏنو پيو وڃي.

اھو اهم ترقياتي منصوبي تيستا ماسٽر پلان  آھي.چين جي دوري تان واپسي تي صحافين سان ڳالهائيندي شيخ حسينھ چيو ته ھندوستان ۽ چين ٻنهي تيستا پروجيڪٽ ۾ دلچسپي ظاھر ڪئي آهي پر هوءَ چاهي ٿي ته ھندستان اهو منصوبو مڪمل ڪري. ھندوستان  کي  ھڪ ارب  ڊالرن جي تيستا ريور ڊولپمينٽ پروجيڪٽ جي حوالي سان سيڪيورٽي خدشا هئا ڇو ته جيڪڏهن اهو منصوبو چين ڏانهن وڃي ها اھو ھندستان جي لاءِ وڏو ڌڪ لڳي ها.اڳي ئي ڏکڻ ايشيا ۾ چين جي وڌندڙ اثر تي هندستان کي گھڻي ڳڻتي آهي. 414 ڪلوميٽر ڊگهو تيستا درياهه هندستان کان بنگلاديش ڏانهن وهي ٿو.

جون 2024  ۾ جڏهن شيخ حسينه ھندوستان جو دورو ڪيو ھو  تڏھن پڻ ان منصوبي تي ڪافي بحث ٿيوھو. ھندستان ۽ بنگلاديش ۾ ڪيتريون ئي گڏيل نديون آھن جيڪي ھماليا مان نڪرن ٿيون ۽ بنگال جي نار ڇوڙ ڪن ٿيون. شيخ حسينه جو چوڻ  آھي تھ مان چاهيان ٿي ته ھندوستان  اهو منصوبو مڪمل ڪري ڇاڪاڻ ته تيستا نديءَ جو پاڻي ھندستان  ذريعي اچي ٿو. جيڪڏهن اسان کي پاڻي کپي ته پوءِ هندستان کي ان رٿا ۾ شامل ڪرڻو پوندو.

شيخ حسينھ چيو ته اسان جي ڏکڻ بنگال کي گهڻو نظرانداز ڪيو ويو آهي. مون چين کي چيو آهي ته هو ڏاکڻي خطي جي ترقي تي ڌيان ڏئي. مون ھاڻي ڪم ورهائي ڇڏيو آهي. ائين ڪرڻ سان اسان جو ڪم آسان ٿي ويندو. تيستا پروجيڪٽ اصل ۾ ٻوڏ جي پاڻيءَ کي روڪڻ، زمين جي پائڻ کي روڪڻ ۽ زمين کي بهتر استعمال ڪرڻ آھي. ان منصوبي تحت بنگلاديش ڏانھن ھڪ بئراج تعمير ٿيڻو آهي.ڪيترن ئي هنڌن تي تيستا جي ويڪر پنج ڪلوميٽر تائين بھ  آهي،جنھن کي گھٽ ڪيو ويندو، جڏھن تھ  ڪن هنڌن تي درياهه جي اونهائي کي به وڌائڻو پئجي سگھي ٿو ۽ بند مضبوط ڪرڻا پوندا.ان رٿا سان ڪنارن تي رهندڙ ماڻهن جي مشڪلات  گهٽ ٿيندي.

تيستا معاهدو 2011 ۾ ان وقت جي هندستاني وزير اعظم من موهن سنگهه جي ڍاڪا جي دوري دوران  طئي ٿيو ھو،پر  پر اولهه بنگال جي وڏي وزير ممتا بنرجي جي مخالفت سبب اھو رولڙي جو شڪار ٿي ويو.

2014  مرڪز ۾ اقتدار ۾ اچڻ بعد وزيراعظم نريندر مودي سان گڏ ممتا بنرجي بنگلاديش جو دورو ڪيو ھو. جتي تيستا جي پاڻي جي ورھاست تي رضامندي سان معاملي جو فيصلو ٿيو ھو.پر 10 سال گذرڻ باوجود بھ مسئلي جو حل نه نڪري سگهيو.تازو شيخ حسينه چين جي دورو ڪري آئي آھي.جنھن کي ميڊيا  خاص اھميت ڏني.

پر اھي بھ چوٻول ھئا تھ شيخ حسينھ  چين وڃڻ وقت جيڪي رٿون رٿيون ھيون سي مڪمل نھ ٿي سگھيون.ميڊيا رپورٽن موجب شيخ حسينه کي خواهش موجب چين کان مالي مدد نه ملڻ سبب ھوءَ خوش نه هئي.چين پنج ارب ڊالرن جي قرض جو يقين ڏياريو هو پر بنگلاديش کي چين کان فقط ٻه ارب ڊالر امداد ملي. جڏهن تھ شيخ حسينھ جو چوڻ آھي تھ جيڪي ماڻهو چون ٿا ته چين جي دوري مان ڪجهه حاصل نه ٿيو آهي، اهي ٺلھا افواه پکيڙي رهيا آهن ۽ منھنجي توھين پيا ڪن. شيخ حسينھ جو چوڻ آھي ته چين سان اسان جا سٺا لاڳاپا آهن. اڳ هندستان جي دوري  دوران  چيو ويو هو ته مون هندستان کي پنھنجو ملڪ وڪڻي ڇڏيو آهي. وري  چين جو دورو ڪري موٽيس تھ چيو ويو تھ مون کي ڪجهه حاصل نھ ٿيو آھي.مان سمجھان ٿي تھ اھڙيون ڳالھيون ڪندڙ ماڻهو ذهني مريض آهن.

شيخ حسينه جو چوڻ  آھي تھ مان چاهيان ٿي ته ھندستان  اهو منصوبو مڪمل ڪري ڇاڪاڻ ته تيستا نديءَ جو پاڻي ھندستان  ذريعي اچي ٿو. جيڪڏهن اسان کي پاڻي کپي ته پوءِ هندستان کي ان رٿا ۾ شامل ڪرڻو پوندو. شيخ حسينھ چيو ته اسان جي ڏکڻ بنگال کي گهڻو نظرانداز ڪيو ويو آهي. مون چين کي چيو آهي ته هو ڏاکڻي خطي جي ترقي تي ڌيان ڏئي. مون ھاڻي ڪم ورهائي ڇڏيو آهي. ائين ڪرڻ سان اسان جو ڪم آسان ٿي ويندو. تيستا پروجيڪٽ اصل ۾ ٻوڏ جي پاڻيءَ کي روڪڻ، زمين جي پائڻ کي روڪڻ ۽ زمين کي بهتر استعمال ڪرڻ آھي. ان منصوبي تحت بنگلاديش ڏانھن ھڪ بئراج تعمير ٿيڻو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.