سپريم ڪورٽ جو فرمان، پي ٽي آءِ بحال ۽ حڪومت پريشان

پاڪستان جي تاريخ ۾ اڄ وري سپريم ڪورٽ جي فل بينچ 13 ججن مان 8 ججن جي اڪثريت پنهنجو فيصلو ڏيندي پشاورهاءِ ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن جي ڏنل فيصلن کي رد ڪندي پي ٽي آءِ کي پارٽي طور تي بحال ڪندي انکي قومي اسيمبلي سميت صوبن اندر به مخصوص سيٽون ڏيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ آزاد اليڪشن کٽي سني اتحاد ۾ شامل ٿيندڙ سمورن ميمبرن کي پڻ اهو حق ڏئي ڇڏيو آهي. ته اهي ٻيهر پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿي سگهن ٿا هن فيصلي اچڻ کان پوءِ قومي اسيمبلي سميت ملڪ جي صوبن جي اسيمبلين اندر ٻيهر پي ٽي آءِ هڪ پارٽي طور تي ايوانن اندر داخل ٿي ويندي ۽ مجموعي طور تي پي ٽي آءِ کي قومي ۽ صوبن اندر هڪ سئو  جي لڳ ڀڳ مخصوص سٽون ملي وينديون انهن سيٽن ملڻ کان پوءِ ملڪ جي اعليٰ ايوان قومي اسيمبلي اندر پي ٽي آءِ اڪيلي سر سڀ کان وڏي پارٽي ٿي ايوان اندر اڀري ايندي.

اهڙي صورت حال کان پوءِ يقينن موجوده حڪومت ۾ ويٺل مسلم ليگ ن پ پ سميت اهي سموريون اتحادي پارٽيون پريشان ٿينديون جن جي مڪس آچار کي گڏي ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ موجودهه حڪومت کي وجود ۾ آندو آهي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته موجودهه وقت ۾ جيڪو مخصوص سٽن وارو فيصلو ملڪ جي اعليٰ عدليا سپريم ڪورٽ ڏنو آهي. ان فيصلي کي موجودهه حڪومت تسليم ڪندي ان تي عمل ڪري ٿي جا اڃان وڌيڪ عدليا سان ٽڪراءِ ۾ ٿي اچي ڇو ته ڪجهه وقت اڳ عدالت پاران ڏنل فيصلو ته وزير اعطم ملڪ جي ڳجهن ادارن کي منع ڪري ته  ملڪ جي ڪنهن به شهري جو فون رڪارڊ نه  ڪن جي خلاف حڪومت پاران ڪابينا ۽ وزيراعظم جي منظوري کان پوءِ اهڙو نوٽيفڪيشن ڪڍي ملڪ جي ڳجهن ادارن کي اهڙو اختيار ڏئي ڇڏيو ته هو جنهن وقت به چاهن ته ڪنهن شهري جو فون رڪارڊ ڪري سگهن ٿا ان کان علاوا ٻيا ڪيترا عدالتن پاران ڏنل فيصلا آهن جن جي خلاف وقت جون حڪومتون ۽ چونڊيل نماندا پنهنجي نگراني ۾ ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن.

ڪيڏي نه افسوس جهڙي ڳالهه چئجي جو ڪجهه ڏينهن اڳ سپريم ڪورٽ اندر جڏهن موجودهه مخصوص سيٽن وارو ڪيس هلڻ دوران اعليٰ عدليا جي جج صاحبن ان ڳالهه جي وضاحت ڪندي چيو ته هاڻي جيڪي ڪجهه مهينا پهريان  ملڪ اندر جيڪي عام چونڊون 2024 دوران ٿيون آهن انهن چونڊن مان ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي پي ٽي آءِ کي اليڪشن ڪميشن پاران ميدان مان ڪڍي ڇڏڻ جو سپريم ڪورٽ مٿان جيڪو الزام مڙيو ويو آهي. اهڙي فيصلي جي سپريم ڪورٽ کي خبر ناهي ۽ نه وري سپريم ڪورٽ ڪڏهن پي ٽي آءِ مٿان پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڏنو آهي. هيءُ لفظ ڪنهن به سياسي پارٽي جي ڪنهن اڳواڻ جا ناهن پر سپريم ڪورٽ جي ججن جا آهن ان ڪري هن قسم جي سوالن سان ملڪ جي عوام ۾ جيڪو انتشار پيدا ٿي ويو آهي. ته هيءُ ملڪ ڪهڙو ملڪ آهي. جنهن جي اعليٰ عدليا مٿان ملڪ جو اليڪشن ڪميشن جو چيئرمين اها ڳالهه ڪندي الزام ٿو هڻي ته سپريم ڪورٽ حڪم ڪيو آهي ته هو پي ٽي آءِ کي موجوده اليڪشن ۾ حصو وٺڻ کان روڪي ۽ سپريم ڪورٽ وري چوي ٿي اسان کي خبر ناهي اسان اهڙو حڪم ڏنو ناهي. اليڪشن ڪاميٽي پي ٽي آءِ کي پارٽي طور تي ڪيئن ختم ڪيو آهي. اسان ان کي ٻيهر پارٽي طور مڃي ايوان اندر وڃڻ جي اجازت ڏيون ٿا.

هاڻي ڏسڻو اهو آهي. ته اسان جي اسٽيبلشمينٽ ملڪ کي جنهن موڙ تي وٺي اچي بيهاريو آهي. ان صورت حال ۾ سپريم ڪورٽ جو پي ٽي آءِ جي بحالي وارو فيصلو موجوده مڪس آچار حڪومت جي لاءِ سٺو سوئڻ ثابت ڪون ٿيندو ۽ موجودهه مسلم ليگ ن ۽ پ پ سان گڏ حڪومت ۾ ويٺل اتحادي هاڻي روز ڏينهون ڏينهن اڃان وڌيڪ پريشان ٿيندا هڪ طرف معاشي حالتون ملڪ جون ڏينهون ڏينهن بهتر ٿئڻ بجاءِ ويتر خراب ٿينديون ٿيون وڃن مٿان کان وري ملڪ اندر عوام ۾ پيدا ٿيل ڪاوڙ کي جهڪو ڪرڻ واري ڪوشش ڪٿي دنگ ٿي ڪري ۽ پي ٽي آءِ جي ٻيهر پارٽي طور بحال ٿي ملڪ جي قومي اسيمبلي کان صوبن جي اسيمبلي تائين ٻيهر ايوانن اندر هڪ پارٽي طور اچڻ کان پوءِ موجودهه حڪومت پنهنجو ڪم جاري ٿي رکي وري اڃان به حالتون ويتر خراب ٿي ڪري ان ڪري ملڪ جي سياست مٿان نظرون رکيو ايندڙن جو خيال آهي ته جيڪو ڪجهه سامهون ڏسڻ  ۾ اچي ٿو ملڪ جون حالتون ان کان وڌيڪ خراب آهن ان ڪري هن اسان واري ملڪ اندر ڪنهن وقت ڪجهه به ٿي سگهي ٿو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.