ڪارونجھر!

تحرير: جامي چانڊيو

اي سنڌ وطن جي عظمت جا نشانبر

ازل کان ڌرتيءَ پاڙون کوڙي بيٺل

سنڌ جا محبوب ڪارونجھر!

 

تون سنڌ جو تڙَ-تَڙَ ڏاڏو آھين

تنھنجي ئي ھنجَ ۾ھتي

ھزارين نسل پليا ۽ وڏا ٿيا آھن

رڳو ڪارونجھر جي ڪولھين جو ئي نه

تون ته مورن، جيتن، پکين، ھرڻين، وڻن, پارڪر جي ندين ۽ پَھرن جو به

تَڙَ ڏاڏو آھين!

 

تنھنجو لکين سالن جو گِھرو صبر

۽ روح جي گھراين ۾

پيھي ويندڙ گھُوريندڙ تنھنجي خاموشي

ٻڌائين ٿا ته

تون سنڌ وطن جي اتھاس جو

سڀني کان وڏو رازدان آھين!

 

تون ٻاجھارو آھين!

تو ڪڏھن ننگر جي ڪولھين ۽ کوسن ۾

فرق نه ڪيو

تو ته ماڻھن ۽ مورن ۾ به

ڪڏھن ڪو فرق نه ڪيو

تو لاءِ تنھنجي آغوش ۾ پليل

ماڻھن، پکين، جيتن ۽ جانورن  ۾

ڪڏھن به ڪو فرق نه رھيو!

 

سنڌ وطن جي وحدت جي ويرين کي

ازل کان  اوچو

تنھنجو شانُ

دل۾ ڪانَ جيان کُتل آھي!

 

ھو سنڌ جي اتھاس جي

سڀ کان قديم شاھد َ

جون گھُوريندڙ اکيون ڪڍڻ چاھين ٿا

ھو توکي ڳَڀا ڳَڀا ڪري

تنھنجي عضون ۽ اکين کي بازارن ۽ عمارتن ۾

ھڻڻ چاھين ٿا

جيئن ظالم بادشاھ

باغين کي ديوارن ۾

لنبائي ڇڏيندا ھئا!

 

ھو نه ٿا ڄاڻن ته

تون ننگر جو پالڻھار آھين

تون ڏاھر, دودي ۽ اُڌيسنگھ سوڍي جي ھَڪلَ

۽ روپلي جو اھو محبوب آھين

جنھن سان وفا جي وچن ۾ ھن پنھنجي سِرَ جو

ٻليدانُ ڏنو ھو!

 

ھو نه ٿا ڄاڻن ته ڪارونجھر  جي ريٽي رنگ ۾

روپلي جو سدا ٽھڪندڙ

گرم خون به شامل آھي!

 

اي سنڌ جي شانَ جي علامت

اي فطرت جا حسين ميوزيم

اي ننگر جي سمورين جيوتن جا پالڻھار

اي سنڌ جي وطني وحدت جا اُھڃاڻَ!

ويساھُ اٿم ته

سڄي سنڌ

ٻَڌيءَ ۽ مزاحمتي شعور جي ڪاتر کڻي

روپلو ٿي

تنھنجي حفاظت ڪندي

۽ تنھنجا ويري تروٽ جيان

اتھاس جي مِٽيءَ ۾  ملي

ڌوڙ ٿي ويندا!

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.