فرانس ۾ تازين چونڊن جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيل ھينگ پارليامينٽ ملڪ جي سياست کي غير معمولي پيچيدگين جو شڪار بڻائي ڇڏيو آهي. فرانس کي ايندڙ مهينن ۾ ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوندو،جنھن ۾ھڪ اھم واقعو اولمپڪس جي ميزباني ڪرڻ جو پڻ آھي.
فرانس ۾ تازين پارلياماني چونڊن ۾ ڪا به پارٽي واضح اڪثريت حاصل نه ڪرڻ کانپوءِ ھن يورپي ملڪ ۾ سياسي غير يقيني واري صورتحال برقرار آهي. فرانس کي اونهاري جي موڪلن جي پڄاڻي کان اڳ ۾ ئي اولمپڪ گيمز جي ميزباني جي لاءِ لاجسٽڪ ۽ سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوندو، جڏهن ته سياست جو معمول جو ڪاروھنوار سيپٽمبر تائين بند آهي.
14 جولاءِ فرانس جو قومي ڏينهن آھي،جيڪو ئي صدر ايمانويل ماڪرون لاءِ هڪ بھترين موقعو هوندو ته هو ملڪ جي عوام ۽ سندس مخالف سياسي ڌرين کي مستقبل لاءِ پنهنجي سياسي خيالن بابت آگاه ڪري سگھي ٿو فرانسيسي صدر تازين چونڊن بعد تاحال خاموش رھيو آھي.18 جولاءِ تي نئين پارليامينٽ جي پهرين اجلاس جو ڏينهن هوندو. ڪجهه حلقن جو خيال آھي تھ ان وقت تائين چونڊن جي لاءِ ٺھيل عارضي اتحاد، خاص طور تي کاٻي ڌر جو نئون پاپولر فرنٽ، ختم ٿي ويندو ۽ سياسي جماعتون انفرادي طور پنھنجي پنھنجي فائدي واري آپشن تي غور ڪنديون.
26 جولاءِ اولمپڪ گيمز جو افتتاحي ڏينهن آهي، جيڪي 11 آگسٽ تائين جاري رهنديون ۽ ان دوران عوام ۽ ميڊيا جو ڌيان سياست تان هٽي ويندو. ڪجهه قانون سازن جي تجويز آھي تھ ان وقت کي سياسي عمل ۾ ٿڌائپ طور استعمال ڪيو وڃي تھ ڪي بھتر نتيجا اچي سگھن ٿا.
پھرين آگسٽ تي نئين پارليامينٽ جو پهريون اجلاس پڄاڻي تي رسندو.ان سان گڏ ئي معمول جي سياست بھ سست ٿي ويندي.ڇاڪاڻ ته فرانس جو وڏو حصو ان وقت دوران موڪلن تي ھليو ويندو آھي. ان ڪري جو اتي گرمين جون موڪلون شروع ٿي وينديون آھن.جنھن بعد سيپٽمبر جي شروعات ۾ سياسي سرگرميون ٻيهر شروع ٿي سگھنديون آهن.