موسميات کاتي برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي ته جولاءِ کان سيپٽمبر تائين معمول کان وڌيڪ تيز طوفاني بارشون پئجي سگهن ٿيون. اهڙي قسم جون اڳڪٿيون موسميات کاتو وقت بوقت ڪندو رهي ٿو ته جيئن ايندڙ وقت ۾ پوندڙ برساتن جي ٿيندڙ نقصانن کان بچي سگهجي ۽ انهي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کي اپاءُ وٺڻ گهرجي ۽ ڪمزور بندن تي تيزي سان ڪم ڪرڻ گهرجي ته جيئن گهڻي نقصان ۽ تباهي کان بچي سگهجي ۽ پاڻي ڪڍڻ جون مشينون فعال ڪيون وڃن، پاڻي جي قدرتي وهڪرن ۽ لنگهن تان غيرقانوني رڪاوٽون ختم ڪرائڻ گهرجن ته جيئن امڪاني برساتن جي ٿيندڙ نقصانن ۽ انديشن کان بچي سگهجي. پر اسان کي حڪومت جي غيرسنجيدگي تي حيرانگي تڏهن ٿيندي آهي جڏهن پاڻي حد کان وڌي ويندو آهي ۽ حڪومت پنهنجي بيحسي ۽ انتظامي نااهلي جو اعتراف ڪرڻ بدران اهو چئي جان ڇڏائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي آهي ته اها هڪ قدرتي آفت آهي جنهن کي ڇا ٿو ڪري سگهجي پر انتظامي نااهلي جوذڪر ئي نه ڪيو ويندو آهي.
موسميات کاتو جڏهن موسمي احوال ٻڌائي ٿو ته ايندڙ وقت ۾ ڪيتري برسات پوندي پر افسوس ته حڪومت وٽ وسيلا ۽ فنڊزهئڻ باوجود ڪي به اپاءَ نه ورتا ويندا آهن جڏهن پاڻي وڌي ويندو آهي ته حڪومت جون وايون بتال ٿي وينديون آهي ۽ جڏهن حالتون ڪنٽرول ۾ نه رهنديون آهن ته سرڪاري مشينري بيوس ٿي تباهي جا منظر ڏسندي ايندي آهي، پر اها سرڪار جي ذميواري آهي ته ٿيندڙ نقصان کان اڳواٽ اک پٽڻ گهرجي ۽ ماڻهن کي جاني ۽ مالي نقصان کان بچائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن پر اهو ڪم شايد حڪومت جي ايجنڊا ۾ ئي شامل ناهي، ماحولياتي ۽ موسمياتي تبديلين سبب وڏي پئماني تي تباهڪاريون ٿيڻ جا انديشا آهن جنهن لاءِ حڪومت کي حڪمت عملي جوڙڻي پوندي ته جيئن پنهنجي ماڻهن کي انهن هاڃن کان بچائي سگهجي.
برساتن ۾ اڪثر شهرن جي اها حالت هوندي آهي ته پاڻي روڊن ۽ رستن تي بيهجي ويندو آهي ۽ ماڻهن جي زندگي مفلوج بڻجي ويندي آهي ۽ برساتي پاڻي ايترو وڌي ويندو آهي جو انهي بيٺل پاڻيءَ ۾ ٻيڙيون هلڻ شروع ٿي وينديون آهن ۽ زندگي جو وهنوار متاثر ٿيندوآهي ۽ اڪثر برساتن ۾ بجلي غائب ٿي ويندي آهي ۽ اسانجي بجلي جو نظام ايترو ته ناقص ۽ ناڪاره ٿي چڪو آهي جو مينهن جي ڦڙي پوڻ سان ئي بجلي بند ڪئي ويندي آهي جنهن سبب بجلي تي هلندڙ موٽر نه هلي سگهندا آهن ۽ پاڻي ويتر وڌندو ويندو آهي اها حالت شهرن ۽ ميٽروپوليٽن شهرن جي هوندي آهي جتي سڀ ڪجهه موجود هوندي به ڪجهه نه ٿي سگهندو آهي ۽ اختيار ڌڻي بيوس بڻجي ويندا آهن پر ڏٺو وڃي ته ٻهراڙيون اهڙي برساتن ۾ تباهه ڪارين جو شڪار ٿين ٿيون جتي ڪچا ۽ ڪکاوان گهر آهن ته اهي اهڙي برساتن جي سٽ نه ٿا سهي سگهن ۽ اهي مٽي جا ٺهيل گهر مٽي جو ڍير ٿي وڃن ٿا ۽ سنڌ جا غريب ماڻهو بي گهر ٿين ٿا.
موسميات کاتي تيز طوفاني برساتن سبب امڪاني ٻوڏ جي اڳڪٿي پڻ ڪئي آهي تنهنڪري ٻوڏ جي تباهڪارين سبب ماڻهو بي گهر ٿين ٿا، ان کان سواءِ انهن جو لکين روپين جو چوپايو مال مري ۽ لڙهي وڃي ٿو ۽ جيڪو مال بچي ٿو ته اهو وري بکن ۾ مري تباه ٿي وڃي ٿو، ٻوڏ علائقي جي ماڻهن لاءِ تباهي جو منظر هجي ٿو جتي سرسبز علائقا ويراني جو ڏيک ڏين ٿا ۽ خوشحالي بدحالي ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي، اهي منظر ڏسي دل رت جا ڳوڙها ڳاڙي ٿي ۽ هر طرف تباهي جا منظر ڏسڻ ۾ اچن ٿا، ٻهراڙي جي اڪثر ماڻهن جو گذران زراعت ۽ مال مويشي پالڻ تي هجي ٿو جڏهن انهن جا فصل تباه ٿين ٿا ته انهن ماڻهن جون معاشي حالتون بدتر ٿي وڃن ٿيون ۽ اهي پناهگيرن جيان روڊن، رستن ۽ سرڪاري عمارتن ۾ بي يارو مددگار زندگي گذارين ٿا جيڪي سرڪار ۽ فلاحي ادارن جي مدد جا منتظر هوندا آهن، بک ۽ بدحالي هر طرف نظر ايندي آهي جڏهن ماڻهن جون معاشي حالتون بدتر ٿينديون آهن ته ڏوهن ۾ اضافو ٿي ويندو آهي، چوريون،ڦريون ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻجي ويندا آهن.
برسات قدرت جي رحمت هوندي آهي پر جڏهن اها حد کان وڌيڪ پوي ته اها زحمت بڻجي ويندي آهي، دنيا جي هن گولي تي ڪجهه اهڙا ملڪ به آهن جتي برسات روز جو معمول هوندي آهي ۽ مسلسل ڪيترن ئي ڪلاڪن ۽ ڏينهن تائين برسات پوندي آهي پر وهنوار متاثر نه ٿيندو آهي ۽ ڪو فرق نه پوندو آهي ڇو ته انهن ملڪن ۾ ڊگهي ۽ دورانديش منصوبابندي هوندي آهي، انتظاميا هر وقت متحرڪ ۽ سنجيده هوندي آهي ۽ انهن ملڪن ۽ شهرن جو ڊرينج سسٽم بهتر هوندو آهي، پاڻي روڊن ۽ رستن تي بيٺل نظر نه ايندو آهي ۽ برسات ڪيتري به تيزي سان ڇو نه پوي پر بجلي بند نه ٿيندي آهي ڇو ته اتي بجلي جو نظام انڊرگرائونڊ هوندو آهي پر اسان وٽ بجلي جون تارون کليل هونديون آهن جيئن برسات شروع ٿيندي ته بجلي بند ٿي ويندي ۽ برسات بند ڀلي ٿي وڃي پر بجلي نه ايندي ڇو ته اسانجو سڄو نظام ڪرپٽ آهي، اسانجو نقصان برساتون ايترو نه ڪنديون آهن جيترو نقصان انتظامي نااهلي سبب ٿيندو آهي تنهنڪري حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن کي سنجيدگي سان اپاءُ وٺڻا پوندا ۽ اڳواٽ حڪمت عملي جوڙي برساتن ۽ ٻوڏين جي تباهڪارين کان بچڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ گهرجن.