ان ۾ ڪو شڪ ناهي تھ پاڪستاني رياست سياسي ۽ معاشي طور تي غير مستحڪم آهي. ان جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا. ان سلسلي ۾ سڀ کان پهرين تھ اڳوڻي آمر جنرل ضياءُ الحق جي اقتدار جو تفصيل سان جائزو وٺڻ جي ضرورت پيش ايندي ۽ ان کان پوءِ ڪنهن ٻئي اڳوڻي آمر جنرل (ر) پرويز مشرف جي حڪومتي پاليسين جي پوسٽ مارٽم ڪرڻ جي ضرورت پوندي. اڄ رياست کي اندروني ۽ ٻاھرين دهشتگرديءَ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ دهشتگرديءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت ۽ عسڪري ادارا ٻه وڏا آپريشن (آپريشن ضرب عضب، آپريشن رد الفساد) ڪري چڪا آهن ۽ ٽئين آپريشن جي تيارين ۾ مصروف آهن، جنهن کي ”آپريشن عزم استحڪام “ جو نالو ڏنو ويو آهي.
ان موضوع تي اڳتي وڌڻ کان اڳ اھو بيان ڪندا ھلون ته پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جا بنيادي سبب ڪهڙا آهن، ان حوالي سان اسان کي اڳوڻي آمر جنرل ضياءُ الحق جي حڪومت دوران افغانستان ۾ ٿيندڙ آمريڪي فوجي آپريشن جو جائزو وٺڻو پوندو آمريڪي ڳجھي ايجنسي ”سي آءِ اي “طرفان ”آپريشن سائڪلون“ جيڪو 3 جولاءِ 1979ع تي شروع ڪيو ويو، جڏهن ته سوويت يونين (روس) جون فوجون 24 ڊسمبر 1979ع تي افغانستان ۾ داخل ٿيون ھيون.
ان آپريشن جو مقصد افغانستان ۾ وڙھندڙ مجاھدن کي 1979ع کان 1989ع تائين هٿيار فراهم ڪرڻ هو. آپريشن سائڪلون بنيادي طور تي اڳوڻي سوويت يونين (روس) جي خلاف آمريڪا جي پروپيگنڊا جنگ هئي،جنھن کي”گرم پاڻي“ تائين رسائي جھڙن مفروضن سان گھڙيو ويو ھو. آمريڪا جي ان ھٿ ٺوڪي جنگ ۾ سعودي عرب ۽ پاڪستان آمريڪا جا ٻه وڏا اتحادي هئا. ان جنگ جي ڪري نه رڳو افغان پناهگير پر منشيات ۽ ڪلاشنڪوف جو ڪلچر به پاڪستان ۾ آيو. ان عرصي دوران افغانستان ۾ آمريڪا جي جنگ وڙهندڙن کي ”مجاهد“ سڏيو ويندو ھو ۽ ملڪ ۾ انھن کي غير معمولي موٽ ملي ھئي. اسين ان جنگ جو حصو ڇو بڻيا سين؟ هي هڪ اهڙو سوال آهي جنهن جو جواب ڳولڻ کانسواءِ ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو ممڪن ناهي.
آڪٽوبر 1999ع ۾ اڳوڻي ڊڪٽيٽر جنرل (ر) پرويز مشرف اقتدار تي قبضو ڪري ٿو ۽ ان دور ۾ 2001ع ۾ آمريڪا جو اتحادي هوندي يڪدم مخالف رخ اختيار پلٽو کائڻو پوي ٿو. آمريڪا جي اها ھٿ ٺوڪي نئين جنگ تڏهن شروع ٿي، جڏهن سيپٽمبر 2001ع تي نيويارڪ جي ”ورلڊ ٽريڊ سينٽر“ جي آسمان کي ڇھندڙ اُوچي عمارتن سان ٻھ مسافر جھاز ٽڪرايا. آمريڪا ان حادثي جو ذميوار ”القاعده“ کي قرار ڏنو.جنهن جو سربراهه اسامه بن لادن هو، جيڪو افغانستان ۾ رهيو پيو هو. آمريڪا افغانستان کي حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو،پر افغانستان حڪومت جي امير ملا عمر آمريڪا جي اھڙي مطالبي کي رد ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي آمريڪا پاران دهشتگردي کي عالمي مسئلو بڻائي پيش ڪيو ويو ۽ ان جي آڙ ۾ آمريڪا افغانستان ۽ عراق تي جنگ مڙھي ڇڏي. جنهن کي ”وار آن ٽيرر“ جو نالو ڏنو ويو ۽ ان جنگ جو پهريون نشانو افغانستان بڻايو ويو. ان دوران اڳوڻي آمر جنرل (ر) پرويز مشرف آمريڪي آڇ قبول ڪندي پاڪستان کي آمريڪا جو فرنٽ لائن اتحادي بڻائي ڇڏيو. اهو اُهو موقعو هو جڏهن مشرف ” سڀ کان اڳ پاڪستان “ جو نعرو متعارف ڪرايو.
اها ھڪ حقيقت آهي ته آمريڪا جي دهشتگردي ھٿ ٺوڪي جنگ ۾ پاڪستان کي اربين ڊالرن جي امداد ملي پر ان سان ملڪ ۾ بدامني ۽ دهشتگرديءَ جو هڪ نئون باب به کليو. اهڙيءَ طرح جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ جن کي مجاهد چيو ويندو هو، اهي هاڻي دهشتگردن جي لسٽ ۾ شامل ٿي ويا آهن، جن کي ڪالهه تائين جيڪا مجاهدن جي نالي ۾ مڃتا مليل ھئي، اهي هاڻي پاڻ کي لڪائي ڦري رهيا ھئا.آهن. هڪ دفعو وري ساڳيو سوال اسان جي سامهون آهي ته آخر ائين ڇو آهي؟ اھو ئي سوال آهن جيڪو اسان کي معاملي جي پاڙ تائين پهچائي سگهي ٿو ۽ ان کان پوءِ ئي ان جو خاتمو ممڪن ٿي سگھندو.
پاڪستان ۾ دهشتگردي جي لهر اڃا به موجود آهي، ان سلسلي ۾ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پيس اسٽڊيز جي 2023ع جي سالياني رپورٽ کي به ڏسي سگهجي ٿو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ گذريل ٽن سالن دوران دهشتگردي جي واقعن ۾ اضافو ڏٺوويو آهي.رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سال 2023 ۾ دھشتگردي جي 306 حملن ۾ 693 ماڻهو مارجي ويا ۽ 1124 زخمي ٿيا. 2022 جي مقابلي ۾ 2023 ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ 17 سيڪڙو اضافو ٿيو، جڏهن ته جاني نقصان 2022 جي ڀيٽ ۾ 65 سيڪڙو وڌيڪ آهي. رپورٽ موجب گذريل سال جي ڀيٽ ۾ بلوچستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ 39 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي،گذريل سال جي تناسب جي حوالي سان ڏٺو وڃي تھ پنجاب ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ 100 سيڪڙو اضافو ٿيو آھي ۽ سنڌ ۾ 87 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۾ 3 سيڪڙو ٿيو آهي،پر دهشتگرد حملن ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جاني نقصان ۾ خيبرپختونخواھ سڀ کان اڳيان آھي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 10 سال اڳ تحريڪ طالبان پاڪستان جا مختلف گروپ رياست خلاف سرگرم هئا پر هاڻي طالبان سان گڏ داعش خراسان ۽ بلوچستان لبريشن آرمي جون ڪارروايون نه رڳو مسلسل وڌي رهيون آهن بلڪھ ملڪ ۾ 82 سيڪڙو حملن جا ذميوار اھي ٽئي گروپ آھن.رپورٽ موجب دھشتگردي جي انھن واقعن ۾ سڀني کان وڏو حصو مذھبي عسڪري پسندن جو آھي.جنھن ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان، تحريڪ جهاد پاڪستان، حافظ گل بهادر گروپ ۽ داعش خراسان شامل آهن، جن گذريل سال ٿيل ڪل 306 حملن مان 208 حملا ڪيا.جن ۾579 حياتيون ضايع ٿيون. رپورٽ موجب سمجھيو وڃي ٿو ته پاڪستان انتهاپسندي خلاف جنگ ۾ ڪاميابي جي ويجهو پهچي چڪو آهي، هاڻي اهو تاثر نه رڳو ختم ٿي رهيو آهي بلڪھ اڳي جي ڀيٽ ۾ ملڪ جو گھڻو حصو دھشتگردي جي لپيٽ ۾ اچي چڪو آهي.
هاڻي هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ملڪ ۾ دهشتگرديءَ جو ٻج ڪيئن پوکيو ويو، ان جي آبياري ڪھڙي طرح سان ٿي،جنھن سبب پاڪستان مسلسل عدم استحڪام جو شڪار آهي، معيشت قرضن ۽ اوڌر تي هلي رهي آهي، مهانگائي ۽ بيروزگاري قوم جو مقدر بڻجي وئي آهي.بھرحال دهشتگردي جي بنيادي سببن جو تعين ڪرڻ کان سواءِ، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جيترا به آپريشن ڪيا وڃن اهي ڪامياب تھ ٿي سگهن ٿا پر پائيدار نه. ٿيندا.
پاڪستان ۾ جنھن طريقي جي دهشتگرديءَ جاري آهي، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته اها انھن پاليسين جو نتيجو آھي جيڪوي اڳوڻي آمر جنرل ضياءُ الحق ۽ بعد ۾ اڳوڻي آمر جنرل (ر) پرويز مشرف پاران اختيار ڪيون ويون ھيون.جيتوڻيڪ ٻنهي جنرلن جي پاليسين ۾ به ڪجھھ حوالن سان ٽڪراءَ بھ ھو. يعني پھريون مذهبي هو ۽ پوين لبرلزم جو ويس پاتل ھو.مسواڙ ۽ ڀاڙي جي انھن جنگ مان ملڪي معيشت کي تھ ڪهڙو فائدو ٿيڻو ھو ۽ ڇا ٿيو ھوندو، پر نتيجو ايترو ته خوفناڪ نڪتو جنھن جي توقع يقينن ذڪر ڪيل ٻنھي فوجي آمرن کي به نھ ھوندي. جيڪڏهن ائين چئجي ته پاڪستان اڄ دهشتگرديءَ جي صورت ۾ جيڪو نتيجو ڀوڳي رھيو آهي، اهو جنرل ضياءُ الحق ۽ جنرل (ر) پرويز مشرف جي پاليسين جو نتيجو آهي ته اهو وڌاءَ نھ ٿيندو.تھ پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته اسان انهن آمرن جي ”پاليسين“ تي تنقيد ڪرڻ کان سواءِ اڳتي وڌي سگهون ؟
ماضيءَ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو هجي،پر ھن وقت اها حقيقت آهي ته پاڪستان کي پيش ايندڙ چئليجن مان سڀ کان وڏي چئلينج دهشتگردي آهي، جنهن کي هر قيمت تي منهن ڏيڻو پوندو، ان جي لاءِ جيڪڏھن ”آپريشن عزم استحڪام “ ڪرڻو پوي ٿو تھ ڪيو وڃي،ضرورت پوي تھ باربار ڪيو وڃي،پر پاڪستان کي دھشتگردي جي ناسور کان ھر صورت پاڪ ڪيو وڃي۽ ان سان گڏ اهو بھ عھد ڪيو وڃي تھ پاڪستان مستقبل ۾ ڪنهن بھ پرائي جنگ جو حصو نه بڻجندو.
You might also like