اسلام آباد (م ڊ) سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت درخواست جي ٻڌڻي دوران عدالت چيو آهي ته موجودا تڪرار اليڪشن ڪميشن جي غلطين سبب آيو، سپريم ڪورٽ جي ڊيوٽي ناهي ته غلطي کي درست ڪري جڏهن ته عدالت انصاف جي گهرجن جو نه آئين ۽ قانون لاڳو ڪندي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 13 رڪني فل ڪورٽ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي ٻڌڻي جي سلسلي ۾ سني اتحاد ڪائونسل، اليڪشن ڪميشن جي وڪيلن اٽارني جنرل دليل ڏنا. ٻڌڻي دوران جسٽس اطهر من الله چيو ته ڇا عدالت آئين جي سنگين ڀڃڪڙي جي منظوري ڏئي ڇڏي؟ ڇا ڪمري ۾ موجود هاٿي کي نظرانداز ڪري سگهجي ٿو؟ هڪ آئيني اداري غير آئيني تشريح ڪئي ۽ سپريم ڪورٽ منظوري ڏئي؟ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڇا ڪنهن پارٽي چيو آهي ته سيٽون خالي رهنديون؟ هر طرف چوي ٿو ته سيٽون اسان کي ڏنيون وڃن، ان تي اٽارني جنرل چيو ته فيصل صديقي چيو هو ته جيڪڏهن سني اتحاد ڪائونسل کي سيٽون نه مليون ته خالي ڇڏي ڏيو. اٽارني جنرل دليل ڏيندي چيو ته مون وٽ رڪارڊ مليا آهن، 2002ع ۽ 2018ع جي مخصوص سيٽن بابت به رڪارڊ موجود آهن، وڪيل مخدوم علي خان چيو ته آئين موجب سيٽون سياسي پارٽين کي ڏنيون وينديون، آزاد اميدوارن کي نه. سياسي پارٽيون پوءِ مخصوص سيٽن جي اهل هونديون آهن جڏهن گهٽ ۾ گهٽ هڪ سيٽ کٽي ويندي آهي، آرٽيڪل 51 2002 ۾ لاڳو ڪيو ويو هو. اٽارني جنرل منصور اعواڻ چيو ته پارلياماني پارٽي جو ذڪر رڳو آرٽيڪل 63 اي ۾ آهي،آرٽيڪل 63 اي لاڳو ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته پارلياماني پارٽي موجود هجي. فيصل صديقي جو چوڻ هو ته جيڪڏهن سني اتحاد ڪائونسل جون سيٽون نه ٿيون ملن ته پوءِ انهن کي خالي ڪيو وڃي. جسٽس عائشه ملڪ پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن سياسي پارٽي پارلياماني پارٽي ناهي پر هڪ سيٽ کٽي ته ان کي پارلياماني پارٽي سمجهيو وڃي؟ اٽارني جنرل چيو ته چونڊون طئي ڪنديون ته پارلياماني پارٽي ڪير هوندو. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ماضي ۾ ڪڏهن به آزاد ميمبرن جو ڪيس عدالت ۾ نه آيو، هن ڀيري آزاد ميمبرن جو انگ تمام گهڻو آهي ۽ ڪيس به آيو آهي. اٽارني جنرل چيو ته آئين ۾ واضح آهي ته ڪجهه سيٽون خالي نٿيون ڇڏي سگهجن، جيڪڏهن اسيمبلي جو مدو ختم ٿيڻ ۾ 120 ڏينهن بچيا آهن ته پوءِ آئين چوي ٿو ته چونڊن جي ضرورت ناهي. جسٽس اطهر من الله چيو ته آرٽيڪل 51 سياسي پارٽي جو حق آهي، اليڪشن ڪميشن هڪ سياسي جماعت کي چونڊن کان ٻاهر ڪيو، جيڪو اهم سوال آهي، ڇا قانون جي ڀڃڪڙي ڏسڻ سپريم ڪورٽ جي ذميواري ناهي؟ ووٽرن سياسي پارٽي کي ووٽ ڏنو. آئين جو بنياد جمهوريت تي آهي. چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي انصاف تي ٻڌل آهن، هر فيصلي آئين کي فالو ڪيو، پاڪستان کي هڪ ڀيرو آئين جي رستي تي هلڻ ڏيو. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 9 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.