لکي ۾ مسافر وين يرغمال، ڌاڙيل ڦرلٽ بعد 5 مسافر اغوا ڪري ويا

لکي غلام شاهھ (رپورٽ: نديم جان مهر)لکي غلام شاهھ تعلقي ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب، چڪ/رستم روڊ تي سومراڻي  شاخ شهلي پير ڀرسان هٿياربندن جي روڊ تي ڪاھه سکر کان رستم ويندڙ وين کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي سمورن مسافرن کان ڦرلٽ ڪرڻ بعد رستم واسي پنجن ڄڻن کي مسافر وين مان لاهي اغوا ڪري ويا، اغوا ٿيلن ۾ حسنين آرائين، عمر قريشي، بادشاھه قريشي ۽ آصف قريشي سميت هڪ ٻيو شامل آهي، پنجن شھرين جي اغوا واري اطلاع تي علائقي ۾ خوف ڇائنجي ويو. سوين شھري ۽ مغوين جا وارث واقعي واري هند پهچي ويا. واقعي جي اطلاع باوجود رستم پوليس ٿاڻي کان هڪ ڪلو ميٽر جي فاصلي تي شھلي پير وٽ نه پهتي، پنجن نوجوانن جي اغوا خلاف رستم ٽائون ۾ شٽرڊائون ڪري مغوين جي وارثن ۽ رستم شهر واسين رستم ٿاڻي جو گهيراءُ ڪيو رستم ٿاڻي جي گهيراءُ ٿيڻ باوجود پوليس اغوا ڪارن ڏوهارين جا پيرا نه کنيا ويا پوليس جي روايتي لاپرواهي ۽ امن امان جي خران صورتحال سبب احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو چتاءُ ڏنو ويو آهي.ياد رهي ته رستم لڳ 2 مهينا اڳ مير جاگيراڻي ۽ مولا بخش بروهي پڻ اغوا ٿيل آھن .پر رستم پوليس هميشا جيان ڪن لاٽار ۾ پوري آھي جنهن سبب هن وقت مغوين جو انگ 7 ٿي ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.