جماعت اسلامي پاران 12 جولاءِ تي حڪومت خلاف اسلام آباد ۾ ڌرڻي جو اعلان

ڪراچي ( رپورٽر)  امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمن چيو آهي ته 12جو لاءِ تي اسلام آباد م ويهڻ جو اعلان ڪيو آهي اٿڻ جو نه جماعت اسلامي جي هيٺ اڄ تائين  ٿيندڙ مظاهرا وارم آپ ميچون ھيون، اصل ميچ هاڻي ٿيندي، ذاتي مقصد جي لاءِ نه پر عوام جي حقن لاءِ پر امن تحريڪ مزاحمت جي شروعات ڪري رهيا آهيون ڪنهن به صورت ۾ پوئتي نه هٽبو،هن چيو ته فارم 47 جي پيداوار ۽ بوٽ پالشي عوام کي رليف ڏين ٻئي صورت ۾ نتيجا ڏسڻ لاءِ تيار رهن،اهڙن خيالن جو اظهار هن منصوره ۾ ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سيڪيورٽي اطلاعات قيصر شريف به موجود هئو.حافظ نعيم الرحمن چيو ته نئين اليڪشن جي ڪابه ضرورت نه آهي فارم 45 جي صورت ۾ليگل ڊاڪيومينٽ موجود آهن ان تي نتيجن جو اعلان ڪيو وڃي جيڪي پارٽيون اليڪشن جو مطالبو ڪري رهيون آهن اهي سليڪشن تحت سيٽون حاصل ڪيون، امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمن چيو ته ڪنهن به پارٽي سان اتحاد ڪري گڏجي ڌاڻو نه هڻنداسين،  هن چيو ته 144قلم اسان جو رستو نٿو روڪي سگهي ظلم جي خلاف آواز بلند رهندو. امير جماعت اسلامي چيو ته جماعت اسلامي کان سواءِ ڪابه پارٽي عوام جي ڀلائي لاءِ احتجاج ڳالهائي نه ٿي سڀ پارٽيون ورهاست وسعت واريون پارٽيون ٿي ويون آهن عوام جو ڪوبه پروگرام نه آهي انهن وٽ پر جماعت اسلامي هميشه عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي آهي ۽ ڪندي رهندي .

  1. پراپرٽي خريداري تي ٽيڪس ڇوٽ شهيدن ۽ زخمي فوجين لاءِ آهي: علي پرويز ملڪ

اسلام آباد (م ڊ) ناڻي ۽ اوڳاڙين بابت مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته جيڪڏهن ڏکيا فيصلا نه ڪريون ها ته ملڪي  معيشت کي هلائڻ ممڪن نه هو، دٻي جي کير تي جي ايس ٽي کانپوءِ سڀاڻي دوائن ۽ زرعي دوائن تان به ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻي پوندي. پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پيٽروليم ڊيولپمينٽ ليوي ۾ ڪا واڌ ناهي ڪئي وئي، پلاٽن تي ٽيڪس جي ڇوٽ شهيدن ۽ جنگين ۾ زخمي ٿيندڙ سول ۽ فوجي ملازمن لاءِ مخصوص آهي. حڪومت جا اهي فيصلا ڏکيا ضرور آهن پر معيشت کي جٽادار واڌ ۽ استحڪام ڏانهن آڻڻ لاءِ وقت جي ضرورت آهن. آءِ ايم ايف سان معاملا درست نموني وڌي رهيا آهن، ڪجهه هفتن ۾ اڳڀرائي ٿيندي. مملڪتي وزير صلاح ڏني ته نان فائلرز فائلر بڻجي وڃن نه ته اڳتي هلي انهن لاءِ وڌيڪ ڏکيائيون اينديون. هن چيو ته 5 سالن ۾ جي ڊي پي جي شرح سان ٽيڪسن جي شرح کي 14 کان 15 سيڪڙو تي پهچايو ويندو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته مالي گنجائش پيدا ٿيندي ته پگهاردار طبقي تي واڌو بار واپس ورتو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.