اسلام آباد (قيوم صديقي) عدالتن مان پي ٽي آءِ کي رليف ملڻ جي حوالي سان اشارن تي ڳالهيون ٿي رهيون آهن ۽ ان حوالي سان سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران پڻ اهو ڏسڻ ۾ آيو ته جسٽس اطهر من الله ۽ شبلي فراز هڪ ٻئي ڏانهن نهاري مرڪيا. وي لاگر عبدالقيوم صديقي پنهنجي وڊيو ۾ هڪ شخص کان ٻڌڻي جو احوال پڇيو جنهن ٻڌايو ته مان ٽوئيٽ ۾ ماڻهن کان پڇيو آهي ته اهڙي مرڪڻ جو ڇا مطلب ٿي سگهي ٿو. سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي ٻڌڻي جڏهن ختم ٿي ته جسٽس اطهر من الله ۽ شبلي فراز اٿيا. ان موقعي تي جسٽس اطهر من الله ۽ شبلي فراز هڪ ٻئي ڏانهن نهاريو ۽ ٻئي هڪ ٻئي کي ڏسي مرڪيا. وي لاگ ۾ موجود هڪ شخص چيو ته جسٽس اطهر من الله بابت سمجهيو ويندو آهي ته پي ٽي آءِ جا حامي ۽ هو هڪ پيج تي اچي چڪا آهن، اهڙي مرڪ جو به ڪو مطلب ٿي سگهي ٿو.