روسي بئنڪ سيڙپڪاري جي خواهشمند، تعليم ۾ سڌارا چاهيون ٿا\مراد شاهه

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه روسي اسبر بئنڪ جي انٽرنيشنل هيڊ مسٽر ٽيمور ڪوزنسيو  (Mr.Timur Kozintsev) جي اڳواڻي هيٺ هڪ وفد سان ملاقات ۾ تعليم، صحت ۽ ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وڏي وزير سيڙپڪاري واري سيڪريٽري راجا خرم کي فوڪل پرسن نامزد ڪيو ته جيئن سيڙپڪاري جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وڃي ۽ صوبي جي تعليمي ۽ صحت جي ادارن کي اسبرا بينڪ سان سهڪار ڪيو وڃي. اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ اسبر بئنڪ جي ڊپٽي ڪمرشل نمائندو مسٽر نيوزورو ڊينس، ڪراچي ۾ روس جو قونصل جنرل مسٽر فيڊرو اينڊريو ۽ ٻين شرڪت ڪئي جڏهن ته وڏي وزير جي معاونت سينئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات شرجيل ميمڻ، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن زاهد عباسي، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ، سيڪريٽري بلديات خالد حيدر شاهه، سيڪريٽري سيڙپڪاري راجا خرم ۽ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن شامل هئا. اسبر بئنڪ انٽرنيشنل جي سربراهه تيمور ڪوزنسوف وڏي وزير کي ٻڌايو ته بئنڪ ڪاروبار، صحت، تعليم، سائنس، پبلڪ ايڊمنسٽريشن، زراعت، ورثي ۽ مستقبل جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته چين، ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن، ايران ۽ ٻين ملڪن ۾ اسان ڪم ڪري رهيا آهيون. وڏي وزير چيو ته اسبر بئنڪ لاءِ اسڪول ايجوڪيشن ۾ سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن. هن وڌيڪ چيو ته بئنڪ سنڌ ۾ تعليمي جدت آڻي سگهي ٿي ايجوڪيشن ٽيڪنالاجي (ايڊ ٽيچ) اسٽارٽ اپ ۾ سيڙپڪاري ڪري. مراد علي شاهه چيو ته ريفارم سپورٽ يونٽ (RSU) جي سهڪار سان آن لائين سکيا، ڊجيٽل ٽيڪسٽ بڪ/ ايجوڪيشن مينيجمينٽ سسٽم لاءِ مالياتي پليٽ فارم فراهم ڪري سگهجي ٿو. وڏي وزير تعليمي ادارن سان بئنڪ جي پارٽنرشپ جي به تجويز ڏني. اسبر بينڪ سنڌ جي خانگي اسڪولن يا يونيورسٽين سان ڀائيواري ڪري سگھي ٿو ته جيئن روس ۾ پڙھندڙ شاگردن کي تعليمي خرچن کي پورو ڪرڻ لاءِ قرض يا ٻيون مالي سهولتون مهيا ڪري سگھن. بئنڪ جي سربراهه وڏي وزير کي ٻڌايو ته ڊاڪٽر ايس سمارٽ اسسٽنٽ کي ابتدائي مشاورت لاءِ ٺاهيو ويو آهي جنهن کي آئوٽ پيشنٽ ڪلينڪل لنڪ جي بنياد تي ٺاهيو ويو آهي جيڪو ابتدائي سڃاڻپ ۾ مدد ڪرڻ، تشخيص جي عمل کي بهتر ڪرڻ، معيار کي بهتر ڪرڻ ۽ اعلي معيار جي صحت جي سار سنڀال فراهم ڪري ٿي. روسي اسبر بئنڪ جي انٽرنيشنل هيڊ مسٽر ٽيمور ڪوزنسيف ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته هو پنهنجي هڪ ٽيم موڪليندو جنهن لاءِ ٽن يونيورسٽين جي سربراهن يعني NED، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ IBA سکر جي سربراهن سان ملاقات ڪري تعليم ۽ ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپڪاري بابت ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه دوري تي آيل بئنڪ جي وفد سان اسٽيل مل جي بحالي بابت پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته اسٽيل مل جو قيام شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دور حڪومت ۾ روس جي مدد سان ممڪن ٿيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.