پاڪ-آمريڪا لاڳاپا بهتري جي رستي تي آهن: ڊونلڊ بلوم

اسلام آباد (م ڊ) آمريڪا جي 248 هين يوم آزادي جي موقعي تي اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني ۾ هڪ رنگارنگ تقريب منعقد  ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پائيدار ڀائيواري کي اجاگر ڪيو ويو پنهنجي شهرين کي خوشحال مستقبل فراهم ڪرڻ جو عزم ورجايو ويو. پاڪستان حڪومت جي طرفان تقريب جو خاص مهمان ترقياتي منصوبابندي ۽ خاص قدمن وارو وفاقي وزير احسن اقبال هو.تقريب ۾ پاڪستاني سرڪاري آفيسرن، واپارين، تعليمي ماهرن، سول سوسائٽي جي شخصيتن ۽ سفارتڪارن شرڪت ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ آزادي، جمهوريت ۽ معاشي خوشحالي جي گڏيل قدرن تي روشني وڌي وئي. جڏهن ته آتش بازيءَ جي شاندار نمائش جشن آزادي ۾ وڌيڪ رنگ ڀريو.ان موقعي تي ڳالهائيندي آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم چيو ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا بهتري جي رستي تي آهن، هن چيو ته اڪثر ماضي ۾ ٻنهي ملڪن کي ٻوڏ، جنگ، وبا يا معاشي بحران جهڙين وڏين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو، يوم آزادي جي موقعي تي ٻنهي ملڪن گڏيل بحرانن کي منهن ڏيڻ ۽ روشن مستقبل لاءِ موقعن مان فائدو حاصل ڪرڻ واري ڪوششن جو عزم پڻ ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.