لاڙڪاڻو (رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي وليد ٿاڻي جي حد نيو بس اسٽينڊ واري علائقي ۾ نامعلوم ٻن هٿياربندن صفدر ڪالوني جي رهواسي پورهيت محمد سليمان ڪورڪاڻي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار فرار ٿي ويا، جڏهن ته مقتولا دشمني جي ڪري لاڙڪاڻي رھائش اختيار ڪئي ھئي لاڙڪاڻي شهر جي نيو بس اسٽان ڀرسان چنگچي هلائيندڙ پورهيت ڊرائيور کي پراڻي تڪرار تان هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ٻئي طرف وليد پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.