اسلام آباد ( ويب ديسڪ ) اسلام آباد جي مقامي عدالت پي ٽي آءِ باني عمران خان سميت سمورن جوابدارن کي آبپارا ٿاڻي ۾ آجو ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽس جي جڊيشل مئجسٽريٽ ياسر محمود محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
پي ٽي آءِ باني عمران خان، شيخ رشيد ۽ ٻين طرفان سردار مصروف ايڊووڪيٽ ۽ انصر ڪياني دليل ڏنا جنهن کانپوءِ عدالت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو هو.
عدالت محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائيندي عمران خان، شاهه محمود قريشي، شيخ رشيد، اسد قيصر ۽ ٻين کي آبپارا ٿاڻي ۾ داخل ڪيس مان آجو قرار ڏئي ڇڏيو.
پي ٽي آءِ باني سميت ٻين خلاف اليڪشن ڪميشن فيصلي خلاف احتجاج تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو.
ImranKhan ShahMahmood ECPprotestcase