”آءِ ايم ايف جا مطالبا مڃڻا پوندا“ ناڻي واري وزير خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ناڻي واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته بجيٽ آءِ ايم ايف سان گڏجي ٺاهڻي هئي ۽ اسان کي ان جا ساڍا ٽي هزار ارب رپين جي ٽئڪس جا مطالبا پورا ڪرڻا پوندا.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ڳالهائيندي ناڻي واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ چيو ته ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته هي مشڪل بجيٽ آهي، اسان کي عوام جي تڪليف جو احساس آهي پر حڪومت لاءِ به اِهو سولو فيصلو نه هو.
هن چيو ته بجيٽ آءِ ايم ايف سان گڏجي ٺاهڻي هئي، اسان کي سندن ساڍا 3 هزار ارب رپين جي ٽئڪس جا مطالبا پورا ڪرڻا پوندا، ايندڙ ٽن کان چئن سالن ۾ سئو ارب ڊالر جي فنانسنگ جي ضرورت آهي.
مملڪتي وزير وڌيڪ چيو ته ڪجهه مهينن اندر ملڪ ۾ استحڪام آيو ۽ مهانگائي تي ظابطو آندو ويو آهي، وزيراعظم کان ڪابينا ميمبرن تائين نه ڪو پگهار وٺندو آهي نه مراعتون وٺندو آهي، 30 کان 40 غير ضروري کاتا بند ڪيا ويا آهن، جن وزارتن جي ضرورت ناهي اِهي صوبن جي سهڪار سان ختم ڪري رهيا آهيون جڏهن ته نجڪاري جو پروگرام به تيزيءَ سان جاري آهي.

IMF Pakistan Pakgovt AliParvezMalik

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.