عدت ڪيس: عدالت کي 12 جولاءِ تائين هر حال ۾ فيصلو ٻڌائڻو آهي : جج افضل مجوڪا

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج افضل مجوڪا چيو آهي ته عدالت کي 12 جولاءِ تائين هر حال ۾ عدت ڪيس جو فيصلو ٻڌائڻو آهي.
اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج افضل مجوڪا عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي عدت ڪيس ۾ سزا خلاف اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهرواري جي وڪلين دليل ڏنا.
ٻڌڻي دوران عمران خان جي وڪيل سلمان اڪرم راجا دليل ڏيندي چيو ته درخواست گذار طرفان رڳو هڪ بيان ڏنو ويو ته ڪو به ثبوت موجود ناهي، وڊيو ڪلپ ۾ خاور مانيڪا واضح چئي رهيو آهي ته سندس اڳوڻي گهرواري پاڪ عورت آهي پر عدالت جي آڏو غلط بياني ڪئي وئي، ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو قانون پٽاندڙ نه آهي.
سلمان اڪرم راجا چيو ته سوره بقره موجب عدت جو دورانيو 90 ڏينهن نه آهي، ان تي جج چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي ججمينٽ آهي جنهن ۾ 90 ڏينهن جي دورانيي جو ذڪر آهي، سلمان اڪرم جواب ڏنو ته عدت مڪمل ٿيڻ جا مختلف حوالا موجود آهن، حتمي ججمينٽ سپريم ڪورٽ جي ئي تصور ڪئي ويندي.
ٻڌڻي دوران جج افضل مجوڪا سوال ڪيو ته اوهان جو چوڻ آهي ته ٽرائل ڪورٽ کي اِهي ريفرنس مڃڻ گهرجن ها يا ثبوت طلب ڪري سگهجن پيا؟ ان تي سلمان اڪرم جواب ڏنو ته جيڪڏهن اِهي ٻه ريفرنس نه مڃيون ها ته عدالت طرفان ثبوت طلب ڪري سگهجن پيا، ٽرائل ڪورٽ طرفان سپريم ڪورٽ جي شريعت اپيلٽ بئنچ جو حصو نه ڏيکاريو ويو، هن ڪيس ۾ فراڊ ڪنهن ڪنهن سان ڪيو ان ڳالهه کان آگاهه نه ڪيو ويو.
پي ٽي آءِ باني جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته ڪيس جو سمورو دارومدار لطيف جي بيان تي رکيو ويو، خاور مانيڪا ۽ لطيف سيمت سمورن شاهدن جا بيان ڪوڙ تي ٻڌل آهن، 92 سي آر ايم ايس عورت جي بيان کي اهميت ڏئي ٿو.
ان کانپوءِ پي ٽي آءِ باني جي وڪيل سلمان اڪرم راجا پنهنجا دليل مڪمل ڪري ورتا.
ان دوران بشريٰ بي بي جي وڪيل سلمان صفدر جو چوڻ هو ته سلمان اڪرم راجا جي عدت جي دورانيي تي ڏنل دليلن جي حمايت ڪيان ٿو ۽ ان کان وڌيڪ هڪ لفظ نه چوندس، سلمان اڪرم راجا جنهن نموني ڪيس جو پوسٽ مارٽم ڪيو ان تي خوشي آهي.
جج افضل مجوڪا چيو ته 8 جولاءِ تائين ڪوشش ڪريو ڪيس مڪمل ٿي وڃي، عدالت کي 12 جولاءِ تائين هر حال ۾ فيصلو ٻڌائڻو آهي.
جنهن کانپوءِ عدالت اپيلن تي وڌيڪ ٻڌڻي اٺ جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي .

edadtcase ImranKhan BushraBIbi

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.