اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ايندڙ مالي سال لاءِ نئين بجيٽ ۾ 2200 شين تي واڌو ڪسٽمز ڊيوٽي لاڳو ڪئي وئي آهي.
فنانس بل ۾ گاڏين جي پُرزن تي ٻه سيڪڙو، امپورٽڊ گاڏين جي بيٽرين تي ٻه سيڪڙو ۽ زرعي ٽريڪٽرز جي ٽائرن ۽ ٽيوب تي ٻه سيڪڙو ايڊيشنل ڪسٽم ڊيوٽي لاڳو ڪئي وئي آهي.
ان کانسواءِ هزار سي سي کان مٿي گاڏين تي ٻه سيڪڙو، امپورٽڊ اليڪٽرڪ گاڏين، اليڪٽرڪ رڪشن ۽ اليڪٽرڪ موٽر سائيڪلن تي ٻه سيڪڙو واڌو ڊيوٽي لڳائي وئي آهي جڏهن ته بلڊرز ۽ ڊيولپرز جي مختلف اوزارن/ڊيوائسز تي ٻه سيڪڙو ايڊيشنل ڪسٽم ڊيوٽي لاڳو ڪئي وئي آهي.
Next Post
You might also like