سامارو (ن ع آ)ساماري لڳ بودر فارم ٿاڻي جي حد ڳوٺ راڻو ڪپري ۾ رات پنھنجي دڪان اڳيان ستل رھواسي نوجوان 24 سالا حق نواز پٽ علي نواز ڪپري جو گولي لڳل لاش هٿ آيو آھي ڳوٿاڻن جي اطلاع تي بورڊ فارم پوليس لاش ساماري تعلقي اسپتال منتقل ڪيو تعلقه اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو فوتي جو مڙهھ گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، وارثن علي نواز ڪپري، مامو نياز محمدڪپري ۽ ٻين ٻڌايو ته حق نواز دڪان اڳيان ستل هو ته موٽر سائيڪل سوار نامعلوم جوابدارن حملو ڪري ننڍ ستل حق نواز کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا جوابدارن قتل بعد نوجوان جي کيسي ۾ پيل روڪ رقم، موبائيل ۽ شناختي ڪارڊ به کڻي ويا، اطلاع تي ڊي ايس پي سامارو غلام مصطفيٰ ڪاڇيلو واقعي واري هنڌ پهچي معائنو ڪيو. ان دوران مقتول جي وارثن سان ملاقات ڪري تفصيل ورتا ۽ جوابدارن جي گرفتاري ۽ شفاف جاچ جي خاطري ڪرائي ڇڏي.