ڪنڌڪوٽ(ن ع آ) دراني مهر جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس ۽ رينجرز گڏيل آپريشن ڪيو.ڪچي ۾ ڀيو گينگ خلاف هلندڙ آپريشن ۾ ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ بشير احمد بروهي پاڻ نگراني ڪئي.هلندڙ آپريشن دوران پوليس پاران 4 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو.ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ بشير احمد بروهي جو چوڻ هو ته هي آپريشن ڏوهارين جي خاتمي ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ ڪيو پيو وڃي.ايس ايس پي جو چوڻ هو ته هي آپريشن ڀيو گينگ خلاف هلي رهيو آهي ۽ هي آپريشن ڀيو گينگ جي خاتمي تائين جاري رهندو.آپريشن ۾ 4 شڪين کي گرفتار ڪيو ويو آهي جن کان پڇاڳاڇا جاري آهي.ايس ايس پي چيو ته ڏوهارين خلاف هلندڙ آپريشن ۾ اي پي سي چين بڪتربند گاڏيون وڏي انگ ۾ پوليس اهلڪارن ۽ رينجرز حصو ورتو.هلندڙ آپريشن ۾ ڏوهارين ۽ پوليس وچ ۾ دوبدو فائرنگ جي ڏي وٺ جاري رهي.ايس ايس پي موجب آپريشن دوران ڏوهارين جي ٿاڪن کي باهيون ڏنيون ويون.پوليس پاران ڏوهارين خلاف ڪيل آپريشن ۾ پوليس کي ڪابه ڪاميابي نه ملي سگهي مغوي ڏوهارين جي قيد ۾ آهن ۽ مغوين جي گهرن ۾ روڄ راڙو متل آهي.